ھارِي جي سنڌي معنيٰ
هَر وارو، هر ڪاهيندڙ، کيڙيندڙ. پوک ڪندڙ. ڪاشتگار، ڪُڙمي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A harvester, A ploughman, peasant, cultivator of the soil, husbandman. A plough bullock.
ھارِي جا بيتن ۾ حوالا
ڪِئائِين ڪيچِيَنِ لاءِ، جُسو جَلاوَتَ،
ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀَ حُجَتَ،
ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 26 ]
ڇَڏي پيٺِي ڇَپَرين، ھارِي سَڀَ حُجَتَ،
ھُئِي نِماڻِي نِسَتَ، پَنڌُ وِڌائِين پاڻَ تي.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 26 ]
مَرُ تَہ موچارِي ٿِيين، جِيئَڻُ آڏو جَتَ،
ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 4 ]
ھارِي ڪَرِ ھِمَتَ، تَہ ڏيئِي دَمُ دوسُ لَھين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 4 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، آھِيان اَسُونھِين،
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]
پَرَڏيھِي پِرِين ڪِئا، مَرَڻَ لَئي مُونھِين،
سَسُئِي ساڻُ سَيِّدُ چئَي، تَنگُنِ ۾ تُونھِين،
ھارِي ڪِيئَن ھُونھِين، ريءَ سَمَرَ سَڌُون ڪَري.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 2 ]
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ واٽُنِ تي وارِي،
پُنهون نِيندَئِي پاڻَ سين، ڪَندَءِ ويچارِي،
ھوتَنِ لاءِ ھارِي، ڇا کي ڏُونگَرَ ڏورِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 13 ]
پُنهون نِيندَئِي پاڻَ سين، ڪَندَءِ ويچارِي،
ھوتَنِ لاءِ ھارِي، ڇا کي ڏُونگَرَ ڏورِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 13 ]
مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، ساھيڙِيُون سَھَجا،
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]
اَلسَفَرُ قِطَعَتُه مِنَ النارِ ، ھارِي موٽُ ھِئا،
سَڱُ صِراطَ المُستَقِيم جو، اَٿَئِي ڪو نَہ اَڳِئان،
سي ڪيچِي نِيندَءِ ڪِئا، جِيئَن تُنھِنجو نِينھُن نِفاقَ سين.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 3 ]
مِنَٿَ ڪَرَڻَ مُنڌَ کي، آيُون سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، ھارِي ھِيتيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، تو سين ھَلَندِيُون سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 5 ]
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، ھارِي ھِيتيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، تو سين ھَلَندِيُون سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 5 ]
زَڙِتو بَڙِئو روزِ، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين،
ٿَشِ ٿَڙَشِ ڪِينَ ڪِي، بُرو ڏُونگَرَ ڏورِ،
مَنان ٿَڙِشا نَہ ڪَرِ، بَرابَر اُٿِي ڊوُڙ،
ھارِي لاھِ مَ ھُورُ، ايشِي مَناغي سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 23 ]
ٿَشِ ٿَڙَشِ ڪِينَ ڪِي، بُرو ڏُونگَرَ ڏورِ،
مَنان ٿَڙِشا نَہ ڪَرِ، بَرابَر اُٿِي ڊوُڙ،
ھارِي لاھِ مَ ھُورُ، ايشِي مَناغي سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 23 ]
اِيءُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري،
نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ،
ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،
سي ڪوھُ پُنهون پُڇَنِ جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 12 ]
نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ،
ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،
سي ڪوھُ پُنهون پُڇَنِ جي سَنجهي رَھَنِ سُمَهي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 12 ]
ھارِي ھِنيُون مَ لوڏِ، سُکين پُوندِينءَ سَسُئِي،
ڪوھِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَھَ قَطارِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 25 ]
ڪوھِيارو تو ڪوڏِ، اَچي ڪَرَھَ قَطارِئو.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 25 ]
وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، پُڇين ٿِي پانڌِي،
ھارِي ھيڪاندِي، ڪَنھِن پَرِ ٿِيندِينءَ ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 9 ]
ھارِي ھيڪاندِي، ڪَنھِن پَرِ ٿِيندِينءَ ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 9 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
*kerp- Proto-Indo-European root meaning "to gather, pluck, harvest." It forms all or part of: carpe diem; carpel; carpet; carpo- (1) "fruit;" excerpt; harvest; scarce; scarcity. It is the hypothetical source of/evidence for its existence is provided by: Sanskrit krpana- "sword," krpani "shears;" Greek karpos "fruit," karpizomai "make harvest of;" Latin carpere "to cut, divide, pluck;" Lithuanian kerpu, kirpti "to cut;" Middle Irish cerbaim "cut;" Old English hærfest "autumn."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
A harvester, A ploughman, peasant, cultivator of the soil, husbandman. A plough bullock.