گَڏِي جي سنڌي معنيٰ
رَسِي، گڏ ٿي، مِلي، رلي ملي، ھڪ ٿي، مِلي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Meet, become one, join, have companied
گَڏِي جا بيتن ۾ حوالا
جَي تُون ڪالَهہ مُئِي، تَہ ڪالَهہ ئِي گَڏِي پِرِينءَ کي،
ڪَڏِھِين ڪانَہ سُئِي، تَہ ڪا سَگهِي گَڏِي سَڄَڻين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 3 ]
ڪَڏِھِين ڪانَہ سُئِي، تَہ ڪا سَگهِي گَڏِي سَڄَڻين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 3 ]
سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ٿورا ڏِينھَن ٿِئا،
راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 1 ]
راتِين روزَ وِئا، عَبَثُ آرِيءَ ڄامَ ري.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 1 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، سَھِسين سِجَ وِئا،
ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 2 ]
ھَلَڻَ ويرَ ھِئان، ديکي شالَ دَمُ ڏِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 2 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، تُون ٿو لَھين سِڄَ،
آئُون جي ڏِيئيِن سَنِيھَڙا، نيئِي پِريان ڏِجِ،
وَڃِي ڪيچِ چَئِجِ، تَہ ويچارِي واٽَ مُئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 3 ]
آئُون جي ڏِيئيِن سَنِيھَڙا، نيئِي پِريان ڏِجِ،
وَڃِي ڪيچِ چَئِجِ، تَہ ويچارِي واٽَ مُئِي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 3 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ھِيءُ پُڻ ڏِينھُن وِئو،
نِھوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نِينھَن نِيو،
مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيَ پِيَ ڪَندي پَنڌَ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 4 ]
نِھوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نِينھَن نِيو،
مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيَ پِيَ ڪَندي پَنڌَ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 4 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، جوڀَنُ وِئَڙُمِ جاڙَ،
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
آڏا آرِيچَنِ کي، چاڙِھيڪا ۽ چاڙَھَ،
مُون مُٺِيءَ کان نَہ ٿِيي، وَڏَپَڻَ مَنجِهہ وِلاڙَ،
عُمِرِ سَڀَ اَواڙَ، ويَمِ تي واڪا ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 5 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي،
وِلِهِيءَ ڏِينھَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
پيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 6 ]
وِلِهِيءَ ڏِينھَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
پيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 6 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، پويون ٿِئُمِ پَساھُ،
سِڪان ٿِي سَڪِراتِ ۾، رويو پُڇان راھُ،
شالَ مَ وَڃيمِ ساھُ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 7 ]
سِڪان ٿِي سَڪِراتِ ۾، رويو پُڇان راھُ،
شالَ مَ وَڃيمِ ساھُ، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 7 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، آيو عِزرائِيلُ،
جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ،
آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 8 ]
جوراڻي سين جيڏِيُون، نَڪو قالُ نَہ قِيلُ ،
آيو مَوتَ دَلِيلُ، مارِيندو مُرادَ کان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 8 ]
English Meaning
Meet, become one, join, have companied