ڪُرَ جي سنڌي معنيٰ
ڪُڙ، ڪُڙم، بڻ، بنياد، خاندان. نسل، خاندان، گهراڻو، پُري، حسب نسب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A tribe, family. Bloodline, One who makes his family illustrious.
ڪُرَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھا ڪُرَ سُڃاڻُ، پِيَ ڪو ۽ پانھِنجو،
اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ،
ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 5 ]
اَصلِ آھي آھِنجو، ناليرو نِڌاڻُ،
ڪَرَھا اَسان ساڻُ، چانگا ڪِجِ چَڱايُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 5 ]
ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا،
مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا،
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ سِرِ موچارا،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، آرِياڻِي اِھپارا،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 1 ]

ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ ميھَڻو،
ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ،
اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَران.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 9 ]
ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ،
اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، جِيئَري جَتُ ڏِسِي مَران.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 9 ]
اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ،
مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي ھوتَنِ ھُرَ،
ڪَچو لايان ڪُرَ، ڪيچان اوري جَي وَران.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 3 ]
نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ آھي وِتَرو،
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
سونا ڪُرَ ڪَنَنِ ۾، ڳِچِيءَ ڳاڙھا ھار،
ٻانھُوٽا ٻانھُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ،
تَڏِھِين پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھِنجِي ڇَڏِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 12 ]
ٻانھُوٽا ٻانھُنِ ۾، سِينڌِ سَڻِڀا وارَ،
تَڏِھِين پِيَ پَچارَ، ڪانڌَ مُنھِنجِي ڇَڏِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 12 ]
ڪُرَھا جي ڪيھَرِ جا، ھيڪَلائِي ھَلَنِ،
اَٿَنِ شَوقُ شِڪارَ جو، مارَڻُ آھينِ مَنِ،
ڇڏِئو جَهنگُ مِرُنِ، ڪيھَرِ جي ڪُرَ واسَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 18 ]
اَٿَنِ شَوقُ شِڪارَ جو، مارَڻُ آھينِ مَنِ،
ڇڏِئو جَهنگُ مِرُنِ، ڪيھَرِ جي ڪُرَ واسَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 18 ]
ڪو ڏِينھُن آھِين ڪوٽَ ۾، لوئِي ھَڏِ مَ لاھِ،
ڪامِڻِ آنھِنجي ڪُرَ جِي، آڏِ وَڏائِي آھِ،
ھِتِ مَ پارِجِ ھيڪِڙو، پائُرَ جو پَساھُ،
سَتي سِيلُ نِباھِ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 7 ]
ڪامِڻِ آنھِنجي ڪُرَ جِي، آڏِ وَڏائِي آھِ،
ھِتِ مَ پارِجِ ھيڪِڙو، پائُرَ جو پَساھُ،
سَتي سِيلُ نِباھِ، مَلِيرِ ويندِينءَ مارُئِي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 7 ]
چِيري چِيري چَمُ، لُوڻُ لِڱَنِ لائِيين،
مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ،
جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ پِرتِ پَنوهارَ سين.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 4 ]
مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ،
جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ پِرتِ پَنوهارَ سين.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 4 ]
پارانڀانِ پَچارِ، مَٿي لامَ لَطِيفُ چئَي،
ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ آنھِنجي ڪارِ،
جٖي ڏِٺا ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 4 ]
ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ آنھِنجي ڪارِ،
جٖي ڏِٺا ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 4 ]
English Meaning
A tribe, family. Bloodline, One who makes his family illustrious.