ڪَرمُ جي سنڌي معنيٰ
مھرباني، ڀلائي، احسان، ٿورو، وَڙُ، عنايت، چڱائي، گُڻ، لائق، مِھر، ٻاجهہ، ديا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Blessing, act of devotion, obsequies, rites. Fate, destiny, fortune.
ڪَرمُ جا بيتن ۾ حوالا
جٖي سُئا نَہ ٻُڌا، سي ڪِيئَن پِرِين پَسجَنِ،
قَلَمُ جَنِي جي ھَٿَ ۾، سي جَي ڪَرمُ ڪَنِ،
اَنگُ مَٽائِي اڳِيُون، ماڳھِين ٻِئو لِکَنِ.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 24 ]

ڍَڪَ ڍَڪِيندو مُون نَہ ڇَڏِيندو، شفيعُ شافِعُ سُپِرِين،
اَنڌا اُونڌا آکُڙِئا، سَڀَ نِباھي نِيندو،
وَٽان ويچارَنِ جي، داڙُو پاڻَ دَڙِيندو،
جٖي ڏُھارِيَنِ ڏاکَڙا، لَڪَ سي لَنگهائِيندو،
نُورُ ناڪارو نَہ ڪَري، مُحَّمَدُ مِنَٿَ مَڃِيندو،
پاڻُ سُڃاڻِي پاڻِهين، ڪامِلُ ڪَرمُ ڪَرِيندو،
تَنبُو آڻي تاوَ ۾، عاصِيَنِ لَيءِ اَڏِيندو،
داتا دوزَخِيَنِ کي، لِينگهو لَهرائِيندو،
رَسَڻَ ويرَ رَسِي ڪَري، مُشڪُ رَنگُ مَٽِيندو،
ھِتِ پُڻ حامِي ھِنِ جو، اَڳِئان آڳَهُہ ٿِيندو،
طَھُورا تَڙِيَنِ کي، پانڊپُ پِئارِئيندو،
رَحْمَةً لِّلْعٰلَمِیْنَ ، اَھُکِيءَ آڳَھُ ٿِيندو،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ کي، ھادِي ھَٿُ جَهلِيندو.
[ سُر بلاول، وايون، 4 ]