ڪِرِي جي سنڌي معنيٰ
رَکَ، پرهيز بيماريءَ جي حالت ۾ نقصان ڏيندڙ کاڌي کان پرهيز، رکڻ، سنڀال، موشو، ڪريءَ جو کاڌو، هلڪي غِذا، هلڪو کاڌو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Abstinence, regimen, temperance, self denial, contraindication, prohibit.
ڪِرِي جا بيتن ۾ حوالا
ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي نَہ ڪِئائُون،
جٖي پَندِ پارِئائُون، تَہ سِگهائِي سَگها ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 2 ]
جٖي پَندِ پارِئائُون، تَہ سِگهائِي سَگها ٿِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 2 ]
ويڄَنِ سين وائِيءَ پِئا، ڪِرِي ڪَنِ نَہ پاڻَ،
اَگها اِنَ اُھڃاڻَ، پَسو سُورَ سِجهايا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 3 ]
اَگها اِنَ اُھڃاڻَ، پَسو سُورَ سِجهايا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 3 ]
ھارِئَا تو ھِرِي، ڪُپَجُ ڪايا سين ڪِئو،
ڪِيَئِي جَي ڪِرِي، تَہ تُون تَوانو ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 14 ]
ڪِيَئِي جَي ڪِرِي، تَہ تُون تَوانو ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 14 ]
مَحلين آيو مَڱِڻو، سازُ وَٺِي سِرِي،
سِسِي تَنھِن سُلطانَ کان، اَچِي گهوٽَ گهُرِي،
تَنھِن ھَنئِي تَندُ طَبِيلَ ۾، پِئا ڪوٽَ ڪِرِي،
ھَنڌين ماڳين ھُوءِ ٿِي، تُنھِنجِي ٻِيجَلِئا دانھَن ٻُرِي،
جُهونا ڳَڙُه جُهرِي پيئِي جهانءِ جَهروڪَ ۾.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 13 ]