ڪَرِيين جي سنڌي معنيٰ
ڪرڻ جو امر، پورو ڪرين، پڄائين، اھو ڪم ڪرين، بجا آڻين، عمل ۾ آڻين، ھلائين، ڪم آڻين بجا آڻين، قائم ڪرين
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Do, perform
ڪَرِيين جا بيتن ۾ حوالا
سِڪين ڪوھُ سَلامَ کي، ڪَرِيين ڪوھُ نَہ سَلامُ،
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
ٻِئا دَرَ تَنِ حَرامُ، اِيءُ دَرُ جَنِي ديکِئو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 9 ]
ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪَئِي،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 12 ]
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 12 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]
صُوفِي چائِيين سَڌَ ڪَرِيين، صُوفِيءَ اِيءَ نَہ صَلاحَ،
ڪاٽي رَکُ ڪُلاھَ، اُڇَلي وِجهُہ آڳِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 6 ]
ڪاٽي رَکُ ڪُلاھَ، اُڇَلي وِجهُہ آڳِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 6 ]
عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، بارِي توکي بانَ،
اُڀو اَڳِرايُون ڪَرِيين، ماڳِ ھَڻِئو مَستانَ،
جانِبَ تُون زِيانَ، اَکِيُنِ سين ايڏا ڪَريين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 3 ]
اُڀو اَڳِرايُون ڪَرِيين، ماڳِ ھَڻِئو مَستانَ،
جانِبَ تُون زِيانَ، اَکِيُنِ سين ايڏا ڪَريين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 3 ]
جَنِي سَندِيءَ جِيءَ ۾، ڀَتُون ڀَتين ٻوڏُ،
ڪِھَڙو ڪَرِيين ڪوڏُ، ھِينئَڙا پَسِي تَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 29 ]
ڪِھَڙو ڪَرِيين ڪوڏُ، ھِينئَڙا پَسِي تَنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 29 ]
مَيا مَڃُ مِنَٿَ، اَڄُ مُنھِنجِي ڪَرَھا،
جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 6 ]
جهاڳِيندي جَرَ پَٽِيُون، مَتان ڪَرِيين ڪَٿَ،
سُپيرِيان جي سَٿَ، مُون کي نيئِي ميڙِيين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 6 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
جَو تُون آھيين توکي مَڱان، آئُون ٻِئو دَرُ ڪونَہ سُڃاڻان،
اِلاھِي عِنايَتَ سين، نَوازِيين نَماڻا،
اَنڌا ڪَرِيين اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين ڪاڻا،
اُونڌَنِ عاجِزَنِ کي، پَرووڙائِيين پاڻا،
ڪوٺِيين سي قُرِبَ سين، جي تُون دَرِ وِڪاڻا.
[ سُر سھڻي، وايون، 4 ]