ڪَرِينِ جي سنڌي معنيٰ
ڪجهہ ڪنِ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
They do
ڪَرِينِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪا جَا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻَ ۾،
آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ،
توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ اُنَ کي نَہ لَھي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 21 ]

توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان،
زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ ھُوءِ نَہ جهِلينِ،
جَتَ پانهِنجِيءَ جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ جَٽيِنِ،
ٻانِهي ٻاروچا پانھِنجي، سَڳَرِ مانَ سَڏِينِ،
پِڪَ پَدَمَنِئا اَڳَرِي، سُرِڪِي مانَ سَڃِينِ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 4 ]

آئُون جَي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو،
ساٿِ لَڏيِندي سَڏُ، مانَ ڪوھِيارا ڪَرِينِ مُون.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 11 ]

سَنڌِيُون سُورَ ڪَرِينِ، ھَڏُ پُڻ ڏُکي ھوتَ کي،
پِرِيَنِ جِي پاڻَ ڏِنا، سي سُتي سُکُ نَہ ڏِينِ،
جٖي ماڻُهنِ کي مارِينِ، آئُون تَنِ سُورَنِ کي سَڏَ ڪَرِيان.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 2 ]

گُلُ ڇِنو گِرنارَ جو، پَٽَنِ ٿِيُون پِٽِينِ،
سَھِسين سورَٺِ جِھَڙِيُون، اُڀِيُون اوسارِينِ،
چوٽو چارَڻَ ھَٿَ ۾، سِرُ سِينگارِئو ڏِينِ،
نارِيُون نازُ ڪَرِينِ، تَہ راجا راتِ رَمِ ڳيَو.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 6 ]

عاشِقَ شَھَرَ فَقِيرَ، دَرِ دَرِ ھَڻَنِ سَينَ،
مَنْ عَرَفَ اَللهَ ڪَلَّ لِسانُهُ ، اِھَڙائِي اَمِينَ،
جِتي پَسَنِ ڪِينَ، تِتي ڪَرِينِ تَڪِيو.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 10 ]

نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ لانگوٽِيءَ لِيڙَ،
جيڏانھَن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 3 ]

لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ،
اُتان عِلمَ ۽ حِلمَ جا، آڻِئو پَھَ پُورِينِ،
لَڏِئو لامَڪانَ ۾، عِشِرَتَ سين اورِينِ،
وَ اللّٰهُ عَلٰى ڪُلِّ شَیْءٍ قَدِيرُ ، چَپَنِ کي چورِينِ،
سامِيَڙا سورِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 23 ]

وِڄَڙِيُنِ ويسَ ڪِئا، مَٿان آئِي مُندَ،
اَکِيُون اَباڻَنِ ڏي، بَسِ نَہ ڪَرِينِ بُوندَ،
هِيئَن نَہ ٿِيَسِ هُوندَ، جَي ڪَرَ لَڌائُون ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 15 ]

کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجا سُپِرِين،
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَهلِيان جَهلَ نَہ ڏيِنِ،
وِرِھَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 23 ]