ڪَرِيمُ جي سنڌي معنيٰ
ڪرم يا احسان ڪندڙ ، بخشڻ هار، ٻاجهارو. معاف ڪندڙ. سخي، خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو. رسول الله جن جو هڪ صفاتي نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
ڪريم: (ع) ڪرم يا احسان ڪندڙ.
ذريعو:شاھ جو رسالو - ھوتچند مولچند گربخشاڻي
English Meaning
Beneficial, helpful
ڪَرِيمُ جا بيتن ۾ حوالا
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]

پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين،
سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان،
اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين ڪاڄُ ٿِئومِ،
قائِمُ جو قُلُوبَ ۾ پَسَڻُ سو پِئومِ،
جَنھِين گهورِي آھِيان، سو لائِقُ پِرِين لَڌومِ،
جَنھِين جِھَڙو ناھِ ڪو، ڏِسَڻُ سو ڏِٺومِ،
جَڏا جِياري ڪونَہ وِساري، صاحِبُ سو سَندومِ،
سَگها ۽ صِحتِئا، ڪَرِيمُ پِيرُ ڪَندومِ،
لَقا جو لَطِيفُ جو، شِفا سو ٿئومِ.
[ سُر آسا، وايون، 9 ]

ڪَرِيمُ ٻول جا زمرا