ڪَرِيو جي سنڌي معنيٰ
ڪريوس، ڪم ڪريو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Do
ڪَرِيو جا بيتن ۾ حوالا
واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ،
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]
ھَئَي ماتامُ ٻَرِ ماتامُ،
اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمامِنِ سين ٿِئو، سو پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 5 ]
اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمامِنِ سين ٿِئو، سو پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 5 ]
واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]
داڳُ سِيني پَرِ غَم ڪا، ھَي ماتَمِ ڪا،
يا حُسَينُ،
جَهنڊا جو آيا خَبَرَ لي آيا،
سوزُ ڪَرِيو شاھَ قاسِمِ ڪا.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 1 ]
يا حُسَينُ،
جَهنڊا جو آيا خَبَرَ لي آيا،
سوزُ ڪَرِيو شاھَ قاسِمِ ڪا.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 1 ]
وَڃو سَڀَ موٽِي، اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون،
ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي، مُون کي ڪَرِيو مَ کوٽِي،
ڪَڍِيَم ڪا ڇوٽِي، وِڌُمِ جوڳُ جَتَنِ لاءِ.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 10 ]
ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي، مُون کي ڪَرِيو مَ کوٽِي،
ڪَڍِيَم ڪا ڇوٽِي، وِڌُمِ جوڳُ جَتَنِ لاءِ.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 10 ]
ڪوھُ ٿِيُون ڪوڙُ ڪَرِيو، ڪانَہ ھَلَندِي ڪيچَ ڏي،
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
سَرَتِيُون ۽ ساھيڙِيُون، مُون سين ٻَہ ٽي پيرَ ڀَرِيو،
جَنِي چِتُ چَرِيو، ڏُونگَرَ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 6 ]
جَتا شالَ جِيو، جِيو ٿا جاڙُون ڪَرِيو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيلِي ناھِ ٻِئو،
ڇِنَڻُ تان نَہ پِئو، ھِيءُ سَڱُ نَہ ڇِنَڻَ جِھَڙو.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 1 ]
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٻيلِي ناھِ ٻِئو،
ڇِنَڻُ تان نَہ پِئو، ھِيءُ سَڱُ نَہ ڇِنَڻَ جِھَڙو.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 1 ]
آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو،
ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ نَہ ڪِئائُون ڪائِي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، ڏيرَ ڪَري وِئا ڏاڍائِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪونهي سُورَنِ ڀائِي،
پَسِي پَنھِنجا ڪَمَڙا، لالَڻَ آئُون لَڄائِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آئِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھوتَ ڪَرِيو ھَمراھِي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 6 ]

آن جَي ڏِٺا ھُونِ، اللهَ ڪارَڻِ ڳالِهہ ڪَرِيو،
نيڻَ مُنھِنجا رُونِ، راتو ڏِينھان اُنِ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 17 ]
نيڻَ مُنھِنجا رُونِ، راتو ڏِينھان اُنِ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 17 ]
آيَسِ ڪِي اوڏِي وَڻا وائِي نَہ ڪَرِيو،
سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي،
ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 25 ]
سا مُنڌَ جِيئَندِي ڪيتِرو، لَڪَنِ جا لوڏِي،
ڪوھِيارِي ڪوڏِي، ڇُلِي پيٺِي ڇَپَرين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 25 ]
English Meaning
Do