ڪانَ جي سنڌي معنيٰ
تِير. ڪاني مان جڙيل تير، ٻاڻ، ڪاني، گز. ڀالي، نيزي، ڏڦي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Arrow.
ڪانَ جا بيتن ۾ حوالا
سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي،
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جِي، سُئِي جَنگِ جھانَ،
اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ،
پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 10 ]
اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ،
پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 10 ]
سَسُئِيءَ کي سَڏُ ٿِئو، اَسان اولاڻو،
پَنڌُ نَہ پِڃاڻو، اَڻَ ڪوٺِي ڪانَ ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 30 ]
پَنڌُ نَہ پِڃاڻو، اَڻَ ڪوٺِي ڪانَ ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 30 ]
مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
جورو راتِ جُوانَ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 1 ]
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ،
ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ،
جورو راتِ جُوانَ، جيڏو جَتَ ڪَري وِئا.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 1 ]
اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ،
ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ،
سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ،
ھو مَھائِي مِيرُ، مَستُوراتِنِ مارِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 10 ]
ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ،
سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ،
ھو مَھائِي مِيرُ، مَستُوراتِنِ مارِئو.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 10 ]
هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي مارُنِ جا مَڪانَ،
ڇيلا هُئا ڇُڙَندا، تَرهي ڪَندا تاڻَ،
سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، ڪارِي لَڳَمِ ڪانَ،
مارُو هُئا مھمانَ، اُٺي وِئا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 1 ]
ڇيلا هُئا ڇُڙَندا، تَرهي ڪَندا تاڻَ،
سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، ڪارِي لَڳَمِ ڪانَ،
مارُو هُئا مھمانَ، اُٺي وِئا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 1 ]
English Meaning
Arrow.