ڪانَہ جي سنڌي معنيٰ
ڪي ڪين، ڪجهہ بہ نہ، بلڪل نہ، عَدم، بنھ نہ، صفا نہ، نيستي، اصل نہ، خالي، اجايو، نفي، نابودي، فَنا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Nothing, never, not at all
ڪانَہ جا بيتن ۾ حوالا
وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

تَنَ طَبِيبَ نَہ تُون، سُڌِ نَہ لَھين سُورَ جِي،
سانڍِ پَنھِنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ريءَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 1 ]

جيڪِي مَنجِهہ جَھانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنھِنجي،
لُطِفَ جِي لَطِيفُ چئَي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَہ،
عَدُلَ ڇُٽان آئُون نَہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 1 ]

ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]

وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي، ڪَري ڪانَہ نِھارَ،
ھِنَ کي چُڻِڪَن ٿا چِتَ ۾، ساھَڙَ جا سِينگارَ،
سا ڪِيئَن ھُنَئان ڌارَ، گهَرِ گهارِيندِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 23 ]

ھِينئَڙي حُجُون ڇَڏِيُون، قُوَتَ رَھِيَم ڪانَہ،
مُون تي موٽِجِ مُون پِرِين، ساھَڙَ ڄامَ سُڄاڻُ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻُ، ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 24 ]

ڪيرِ ڪُنَ آئُون ڪيرَ، ڪيرَ ڏَمَرَ سَھي ڏَمَ جا،
قَضا ريءَ ڪانَہ ڏي، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،
ڀينَرُ ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو ٿِي لوڙِيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 23 ]
قَضا ريءَ ڪانَہ ڏي، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،
ڀينَرُ ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو ٿِي لوڙِيان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 23 ]
جهيڙو لاھِ يَزِيدَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]