ڏِينھِن جي سنڌي معنيٰ
ڏھاڙي، ڏينھن، ڏينھن جو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Day, in the day.
ڏِينھِن جا بيتن ۾ حوالا
جهونگاَرِيندي جَهنگَنِ ۾، جي کُٽَنِمِ ڏِينھِن،
تَہ ڪَرَ مُنھِنجي نِينَھَن، اَپَرِ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 14 ]
تَہ ڪَرَ مُنھِنجي نِينَھَن، اَپَرِ لائُون لَڌِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 14 ]
مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون، سِيرُون ٿِئَڙا ڇَپَرين،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ سُڃُو،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون راتو ڏِينھِن رُنو.
[ سُر حسيني، وايون، 16 ]
ڪِيَمِ ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِيين ڏِينھِن پَرُوڙَ،
سَگها ساٿَ نَہ ھيڪَڙِي، چارَئِي پَھَرَ چُورَ،
سَدائِين سَيِّدُ چئَي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،
جوڳِي ساڻُ ضَرُورَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 1 ]
سَگها ساٿَ نَہ ھيڪَڙِي، چارَئِي پَھَرَ چُورَ،
سَدائِين سَيِّدُ چئَي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ،
جوڳِي ساڻُ ضَرُورَ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 1 ]
ٽي ڏِينھِن ٽَمَڪائِينِ، دُونھِيُون دائِرَنِ ۾،
ميڙِئو ڪَڻِڄَ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،
سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيَنِ آھِينِ،
ڳُجُهہ نَہ ڳالَهائِينِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 3 ]
ميڙِئو ڪَڻِڄَ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،
سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيَنِ آھِينِ،
ڳُجُهہ نَہ ڳالَهائِينِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 3 ]
چوٿين ڏِينھِن چَوگانَ ۾، ڪَنھِن جَنھِن پَھِ پِئا،
اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا،
وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾ ڪُوڙُ ڪِئا،
سامِي سونُ ٿِئا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 4 ]
اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا،
وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾ ڪُوڙُ ڪِئا،
سامِي سونُ ٿِئا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 4 ]
ڪَنھِن جَنھِن پُورَ پَچايا، پَنجين ڏِينھِن پَئِي،
اَندَرِ آديسيَنِ کي، سُورَنِ شاخَ ڪَئِي،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، لاشَڪُ ٿِئا لَھِي،
اُنِ کي سارِي راتِ سَيِّدُ چئَي، گُوندَرَ ساڻُ گَئِي،
ڪَرِئو سيڻَ سَھِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 5 ]

پِئا ڪَنھِن پَرياڻَ ۾، ڇَھين ڏِينھِن ڇَڻِي،
اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين ڌَڻِي،
ٻَري ٻاجهارا ڪِئا، کانئي خاڪِ کَڻِي،
پِنِئو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 6 ]
اَندَرِ آديسِيَنِ کي، ڌُرِيائِين ڌَڻِي،
ٻَري ٻاجهارا ڪِئا، کانئي خاڪِ کَڻِي،
پِنِئو پَنجَ ڪَڻِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 6 ]
سَتين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڌاڳا ڌوئائُون،
اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون،
رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون،
وَڏِيءَ ڪَنھِن وِلاتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
کَڻِئو کِڌائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 7 ]
اُڀِي الَکَ سامُھِيُون، ٻانھُون ٻَڌائُون،
رُوحُ پَنھِنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پُوتائُون،
وَڏِيءَ ڪَنھِن وِلاتَ جا، اُھِڃَ آندائُون،
کَڻِئو کِڌائُون، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 7 ]
اَٺين ڏِينھِن اُڀِي وِئا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ ،
سا پَر سامِي سِکِئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،
ويروتارِ وُجُودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَھيو ئِي آھِ،
ڪَنھِن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 8 ]
سا پَر سامِي سِکِئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،
ويروتارِ وُجُودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَھيو ئِي آھِ،
ڪَنھِن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 8 ]
نائين ڏِينھِن نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِئا،
سَٻاجهي ٻاجَهہ ڪِي، سُڃاڻِي سيڻانِ،
جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتِي اوتارانِ،
اِھي اُھڃاڻانِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 9 ]
سَٻاجهي ٻاجَهہ ڪِي، سُڃاڻِي سيڻانِ،
جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتِي اوتارانِ،
اِھي اُھڃاڻانِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 9 ]
English Meaning
Day, in the day.