مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن،
ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، ماءِ ٻاروچاڻي نِينھَن نِينھَن،
جا جَڙَ لَڳَڙِي ٻيڙِيين، سا جَڙَ لَڳَڙِي نِينھَن نِينھَن،
مُون کي پِرِين ميڙِيين ، روجَهڙِيُون ميڙيين مِينھَن مِينھَن،
ھوتَنِ جِيءَ ھيڪاندِ لَيءِ، آئُون رُئان راتو ڏِينھَن ڏِينھَن،
مانَ وَسائي مُون ڌَڻِي، ميڙائي جا مِينھَن مِينھَن.
[ سُر حسيني، وايون، 25 ]
ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن،
جُهونگارِيندي جَهنگَ ۾ ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏِينھَن،
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جِي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن،
وَلِهِيءَ ھِتِ وَسائِيا، ميڙائي جا مِينھَن،
آن جَا ڇَڏِي ڇَپَرين، ڪيچِ رَسَندِي ڪِيئَن.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مانَ پَھچان سيڻَنِ سِيئن.
[ سُر ديسي، وايون، 1 ]
پِي پِيالو عِشقَ جو، سَڀُڪِي سمجِهوسُون،
پِريان سَندي پارَ جِي، اَندَرِ آڳِ اَٿُون،
جِيئَڻُ ناھِ جَڳَ ۾، ڏِينھَن مِڙيئِي ڏُون،
اَلا! عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آهين تُونھِين تُون،
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 33 ]
ڏِينھَن پُڄاڻُون آڻي اَسان کي، مَولا مُحِبُ مِلائِيو،
وِيو وِڇوڙو، ٿِيو مَيلاپو، واحِدَ واءُ وَرائِيو،
هُو جَنھِين جو ڏَسُ ڏُوراڏو، اوڏو اَڄُ سو آئِيو،
عَبدِالْلَطِيفُ چئَي اَچِي عَجِيبَنِ، پاڻَ فَضُلُ فَرمائيو،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 6 ]
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ھوري ھَلُ مَ اُٺَ،
پِرِين پَرچايُون، رُٺَ، ڏِٺي جَنِ ڏِينھَن ٿِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 50 ]
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ھوري ھَلُ مَ اُٺَ،
پِرِين پَرچايُون، رُٺَ، ڏِٺي جَنِ ڏِينھَن ٿِئا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 50 ]
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن،
مُون کي چاڙھي چِيئَن، وِئو وَڻِجارو اوھَري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 9 ]
پُڇِئو تان نَہ پِريان، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 8 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
*dyeu- Proto-Indo-European root meaning "to shine," in derivatives "sky, heaven, god." It forms all or part of: adieu; adios; adjourn; Asmodeus; circadian; deific; deify; deism; deity; deodand; deus ex machina; deva; dial; diary; Diana; Dianthus; diet (n.2) "assembly;" Dioscuri; Dis; dismal; diurnal; diva; Dives; divine; joss; journal; journalist; journey; Jove; jovial; Julia; Julius; July; Jupiter; meridian; Midi; per diem; psychedelic; quotidian; sojourn; Tuesday; Zeus. It is the hypothetical source of/evidence for its existence is provided by: Sanskrit deva "god" (literally "shining one"); diva "by day;" Avestan dava- "spirit, demon;" Greek delos "clear;" Latin dies "day," deus "god;" Welsh diw, Breton deiz "day;" Armenian tiw "day;" Lithuanian dievas "god," diena "day;" Old Church Slavonic dini, Polish dzie?, Russian den "day;" Old Norse tivar "gods;" Old English Tig, genitive Tiwes, name of a god.
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)