ڏُکِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ڏکاريءَ، ڏکائتيءَ، ڏک ۾ ورتل، غم ۾ ٻڏل، سَتايَلَ، دردمند، دُکيءَ، رنجيل، گهايَلَ، پِيڙِيَلَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sadden, grieved, depressed. Living in sorrows and hard times.
ڏُکِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
نَھِين نَھِين مَيڏِڙي وَسِ وو بِنان دِلبَرَ دِلِ ماندِي،
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
مُون کي مَتِ ميھارَ جِي، ڪا ٻِي ڪَسِ،
سِڪان ٿِي سِنگهارَ کي، بابِ نَہ مُنھِنجي بَس،
سُکَ نَہ پُڇي سُهڻِي، ڏُکُ ڏُکِيءَ کي ڏَسِ،
دَرِدَ دَسِي آھِيان، دَرِدُ مُنھِنجو دَسِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 10 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺي مُون وِسَھو، وِرچِي تان نَہ وري،
ڌاران مُنھَن مَري، ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 2 ]
مُون ڏِٺي مُون وِسَھو، وِرچِي تان نَہ وري،
ڌاران مُنھَن مَري، ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 2 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، ڏُکِيءَ ڏيجِ مَ ڏاگهُہ،
وَٽِ ڇَڏي مُون واگهُہ، آرِي وِئين عِشقَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 4 ]
وَٽِ ڇَڏي مُون واگهُہ، آرِي وِئين عِشقَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 4 ]
آءُ اوراھُون سُپِرِين، ڏُکِيءَ ڏاگهُہ مَ ڏيجِ،
پيھِي گهَرِ پُڇيجِ، ھوتَ ھَلاڪَتَ نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 5 ]
پيھِي گهَرِ پُڇيجِ، ھوتَ ھَلاڪَتَ نَہ ٿِئي.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 5 ]
صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، وَٺِي آئُون ويٺِي،
ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 11 ]
ڏُکِيءَ سين ڏيٺِي، ڪا ڪِجِ اَچِي ڪَڏِھِين.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 11 ]
ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين،
کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا،
سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا، آتَڻَ وَٽِ اوتارا،
آھِيان پَٿِ پُنهونءَ جي، ڪَندِيَس ڪُنَرَ ڪارا،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، ھئَي ھئَي ھَٺَ اَسارا،
ڪيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، مَيا سي ٿِئَڙَمِ مارا،
ساري سُپَيرِيَن کي، رُوَندا سي نيڻَ ويچارا،
اَنڌِيَنِ آسَرَ آھِين، موٽِجِ مُحِبَ موچارا،
ويٺو ڏي ڏُکِيءَ کي، پُنَهلُ ڄامُ پُوڄارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 11 ]

ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ نَہ اُڄَھي،
اُگهاڙِيءَ وِھانءُ، وِئو وِروھَڻُ وِسِرِي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 1 ]
اُگهاڙِيءَ وِھانءُ، وِئو وِروھَڻُ وِسِرِي.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 1 ]
جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،
مَنگَلُ مُنھِنجي مَنَ ۾، ٻارِئو ھوتَ حُمامُ،
اَرَڳِ ٿِئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 1 ]
مَنگَلُ مُنھِنجي مَنَ ۾، ٻارِئو ھوتَ حُمامُ،
اَرَڳِ ٿِئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 1 ]
جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي، نَہ تَہ مُٺِي مارِ،
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 4 ]
ڏُکِيءَ کي ڏيکارِ، ھيڪَرَ ھوتُ اَکِيُنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 4 ]
ڏُکِيءَ ڏِھاڻِيءَ، مَٿي مُٺِيءَ ھَٿَڙا،
تَنھِن پَرِ نَہ کاڻِي، جَنھِن پَرِ جِيئي جيڏِيُون.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 8 ]
تَنھِن پَرِ نَہ کاڻِي، جَنھِن پَرِ جِيئي جيڏِيُون.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 8 ]
English Meaning
Sadden, grieved, depressed. Living in sorrows and hard times.