ڀِٽَ ڌَڻِي جي سنڌي معنيٰ
ڀٽ جو مالڪ. (ابڙي سمي لاءِ استعمال ڪيل لقب، جنھن دودي سومري جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سومرن جي عورتن کي پناھ ڏني. سندس قبر ڪڇ جي ھڪ ڀٽ تي واقع آھي، انڪري کيس ڀٽ ڌڻي سڏيو ويندو آھي.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lord of Bhit. (Title for Abro Samo, this title was given to him in his respect.)
ڀِٽَ ڌَڻِي جا بيتن ۾ حوالا
اَبَڙو اَگامَنِ ۾، سَٻَڙُ جِيئَن ٻيلي،
سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي ڀِٽَ ڌَڻِي .
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 17 ]
سي پَٽَ ڪَنھِن نَہ پُورِئا، جي ٿو ڀَڙُ ڀيلي،
سَمُو سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، رِڃُون ٿو ريلي،
اَچَنِ جي ويلي، تَنِ بورَ بَخشي ڀِٽَ ڌَڻِي .
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 17 ]
ڀِرِي ڀِٽَ تي آيو، سارَنگُ سَھِجَ مَنجهان،
کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،
پَھرِي پَٽَنِ تان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 1 ]
کِڙِيُون کَٽَڻَھارَ جِيئَن، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
سَرَ ساوا سَبزَ ٿِئا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِئا،
پَھرِي پَٽَنِ تان، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 1 ]
جِھَڙِي لالِي لاکَ جِي، تِھَڙِي سارَنگَ سِٽَ،
اِيئَن سي اُٻُنِ اَنگِئا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ،
بَرَسِئو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 2 ]
اِيئَن سي اُٻُنِ اَنگِئا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ،
بَرَسِئو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 2 ]
اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]

آءُ راڻا راحَتَ، ڌُوڻَ ڌَرَتيءَ جا ڌَڻِي،
سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳَڻِيُون، سوڍا تُنھِنجِيءَ سَٿَ،
مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 4 ]
سِڪَنِ ٿِيُون سُھاڳَڻِيُون، سوڍا تُنھِنجِيءَ سَٿَ،
مُون تان لاھِ مَ ھَٿَ، ڪامِلَ ڌَڻِي ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 4 ]
حَقِيقَتَ ھَڻِي، مُنھِنجِي جانِ جُدا ڪِي،
ھيڪو پَساھُ پِرِينءَ ري، سَگهان تان نَہ کَڻِي،
ڌَڻِي ۽ ڌَڻِي، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
[ سُر آسا، مجازي مام، 7 ]
ھيڪو پَساھُ پِرِينءَ ري، سَگهان تان نَہ کَڻِي،
ڌَڻِي ۽ ڌَڻِي، اَچِي رَھِئو رُوحَ ۾.
[ سُر آسا، مجازي مام، 7 ]
مَنجِهہ رَھِي مَلِيرَ، مُون تان ڪوھُ ڪِئو،
مُون تان ڪِينَ ڪِئو،
مُون ھَٿان مُنھِنجا ڌَڻِي، سَھِسين ٿِئا صَغِيرَ،
پَکَي مَنجِهہ پَنوَھارَ جي، ڪوڙيِين ڪِئَم ڪَبِيرَ،
تُون ڏيِين مُون ڌَڻِي، دِلاسو دِلگِيرَ،
ٻُڙو لاھِ مَ ٻاجَهہ جو مُون تان مُنھِنجا پيرَ،
ٿَرَ ۾ وَلِيُون ٿَڌِيُون، ڪوڙيِين ڪِرِڙَ ڪَرِيرَ.
[ سُر مارئي، وايون، 5 ]

وِرسِئا ويڄَ ويچارا، ڀُلئا ويڄَ ويچارا،
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
دِلِ ۾ دَردُ پِرِيَنِ جو، مَنَ ۾ مَرِضُ پِرِيَنِ جو،
اُٿِئو ويڄا مَ وِھو، وَڃو ڊَڀَ کَڻِي،
ٻُڪِي ڏِيندا ٻاجَهہ جِي، آيا سُورَ ڌَڻِي، آيا جِيءَ جِيارا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 1 ]
ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا،
واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا،
حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ کي، جورُ ھَڻِي جانِئا،
تَہ تُسِي تو سين توھُ ڪَري، آگو اِحسانا،
جَفا ڏيئِي جانِ کي، ٿِيءُ فِڪرَ مَنجِهہ فَنا،
تَہ تو ڏيکاري تو ڌَڻِي، باطِنَ جا بانا،
جٖي تسلِيمُ ٿِئا تَحقِيقَ سين، اُوءِ ڪِيئَن اَمانا،
جاڳِئا جٖي جَبارَ لَيءِ، سيئِي سَمانا،
سَڀَ سَنوَرِئا سُپِرِين، قَوالَ تو ڪَنا،
چَڱِي چَئِجِ چاھَ سين، مَدَحَ اِيءَ مَنا،
مَتان مَڙدَ وِسارِيين، صاحِبَ جو ثَنا،
دوسِتُ رَکِي دِلِ ۾، پَڙُه لالَڻُ لِسانا،
ڪَڍُ تُون دَغا دِلِ مان، ٻانَهپَ سين ٻانها،
صاحِبَ وَڻِين سَچَ سين، ٿِيءُ داناءُ ديوانا،
تائِبَ ٿِئو تَڪِڙا، جوشَئُون جَوانا،
لَھين تُون لَطِيفَ کان، اَمُنُ اَمانا.
[ سُر سريراڳ، وايون، 1 ]

وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا،
مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا،
عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا،
جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 8 ]
مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا،
عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا،
جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 8 ]
English Meaning
Lord of Bhit. (Title for Abro Samo, this title was given to him in his respect.)
ڀِٽَ ڌَڻِي ٻول جا زمرا