پَرُوڙي جي سنڌي معنيٰ
ڄاڻي، ٻجهي، لھي، سمجهي، پرکي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Understand, know
پَرُوڙي جا بيتن ۾ حوالا
وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

صُوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئَن رڳُنِ ۾ ساھُ،
سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ،
آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن ڪا ڪَري پَڌرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 3 ]
سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ،
آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن ڪا ڪَري پَڌرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 3 ]
سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ،
ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ صِراطَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 14 ]
ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ صِراطَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 14 ]
اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي، ڪِي پَرُوڙي ڪونَہ،
سَچِي جِھَڙِي سونَ، مُنھِن نَہ پيئيِ ماڻُهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 6 ]
سَچِي جِھَڙِي سونَ، مُنھِن نَہ پيئيِ ماڻُهين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 6 ]
اَڻَ ڪِي عَيان نَہ ٿِئي، ڪِي پَرُوڙي ڪو نَہ،
جانۡ سُونھون ٿِئي سونَ، اَمُرُ عَطا جَنھِن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 7 ]
جانۡ سُونھون ٿِئي سونَ، اَمُرُ عَطا جَنھِن جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 7 ]
سَچو پَسِي مُون سَڃِين، ڪَرَھا توکي ڪامَ،
مانَ پَرُوڙي مامَ، ساڱاھي سَنئيِنءَ وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 51 ]
مانَ پَرُوڙي مامَ، ساڱاھي سَنئيِنءَ وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 51 ]
لائي خَنجَرُ ”لا“ جو ”ھَي“ خَچَرَ کي ھَڻُ،
سَڌُنِ جُون سَيِّدُ چئَي، وَٿُون سَڀَ وِڪِڻُ،
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَہ ھَلَڻَ ۾ ھَورِي وَھين.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 8 ]
سَڌُنِ جُون سَيِّدُ چئَي، وَٿُون سَڀَ وِڪِڻُ،
پيرُ پَرُوڙي کَڻُ، تَہ ھَلَڻَ ۾ ھَورِي وَھين.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 8 ]
بُرو بِگِيرَدِ بامَ بَليخا، مانَ پَرُوڙي مامَ،
ٿَئو دَئِي ٿَئو مان، ڪِٿان ڇُلِي ڇَپَرَ جي لامَ،
اَچي تَنِ جِي سامَ، دُرَھا دُرَھا ڪَنِ جي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 8 ]
ٿَئو دَئِي ٿَئو مان، ڪِٿان ڇُلِي ڇَپَرَ جي لامَ،
اَچي تَنِ جِي سامَ، دُرَھا دُرَھا ڪَنِ جي.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 8 ]
پيرُ پَرُوڙي پاءِ، گَنجي ۾ گُنَ گَهڻا،
کاھوڙِي کَرا وِئا، نَہ ڪا اوڏِي ماءِ،
جَنِي ڏِٺِي جاءِ، تَنِي موٽَڻُ ميهَڻُو.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 12 ]
کاھوڙِي کَرا وِئا، نَہ ڪا اوڏِي ماءِ،
جَنِي ڏِٺِي جاءِ، تَنِي موٽَڻُ ميهَڻُو.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 12 ]
ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ مَٽيندو داسَڙو،
پَرُوڙي پِشيمانُ ٿي، جَڏھِن ھَٿان ڳالِهہ وَياسِ،
سُورَ پِرايائِين سَيِّدُ چئَي، پوءِ ٿي کَلَ پَٽِئاسِ،
ڪُوَڻَتِ ھارَ ڪِئاسِ، ٿي چَرِي چَنيسَرَ ڄام ري.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 5 ]