وِچُ جي سنڌي معنيٰ
مرڪز، دُن، ڪَمَر، وِچُون، درمياني، درمياني نقطو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The middle, centre. An interval, medium.
وِچُ جا بيتن ۾ حوالا
جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ،
آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ،
بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون سَڀَ پَچاءِ،
لُڇَڻُ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، پَڌَرِ ھَڏِ مَ پاءِ،
مَڇُڻ لوڪُ لَکاءِ، وِصالا وِچُ پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 10 ]

ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ،
آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ،
آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ،
گهَرِ گهَرِ گِلا جَا وَھي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
مَولا مُون کي ميڙيين، ڪُنڊِييَنِ جِيءَ قَطارَ،
مُون کي پِرِيَنِ ميڙيين، سَٻاجها سَتارَ،
ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا سانڀارا سَنڀارَ،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ کي، سَٻاجها سَتارَ،
تاڪُنِ تَڪِي آھِيان، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 13 ]

ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين،
آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو،
مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، نَہ مُون اُٺُ نَہ ناقو،
ھُوءَ جا پِڪَ پُنهونءَ جِي، چَٽِيان تَنھِن چُئاڪو،
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِيرِ پوءِ مَ فاقو،
چَڙھِي نَہ سَگهان چوٽيين، ڏُونگَرَ ڪونِهي ڏاڪو،
پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻِ وَڻِ وجِهندِيَسِ واڪو،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ ۾، لَکَ مَ پوءِ لِياڪو،
آرِيءَ جو آتَڻَ ۾، پُڇَندِيَسِ پاڻَ پَھاڪو.
[ سُر آبڙي، وايون، 17 ]

وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، رَئِي پَسِئو ٿِي روءِ،
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]
وِصالان وِچُ پِئو، ڦِرِي آءُ فِراقَ،
جي ٿي چِڪئَمِ چاڪَ، پِرِينءَ گَڏِجِي پُورِئا.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 21 ]
جي ٿي چِڪئَمِ چاڪَ، پِرِينءَ گَڏِجِي پُورِئا.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 21 ]
وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو،
آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ،
پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾، پِٿُون ٿِي پِياسِ،
تَہ پُڻ ڪاڍو ڪيچَ ڏي، توڻي ماءَ مُياسِ،
آيَمِ اَنڌي لوڪَ سين، مُٺِي آئُون مُٺياسِ،
پِئُمِ وِچُ وِصالَ ۾، سَنجهي آئُون سُتِياس،
پييمِ پُنهونءَ ڄامَ سين، ڪُٺِيءَ آئُون ڪُٺِياسِ،
اَلا اُنِ مَ وِسَران، ڏِٺي جَنِ جياسِ،
پاڻُ وِڃايُمِ پيرَ تي، ڇُٽِي آئُون ڇُٽِياسِ،
پييَسِ وَرِ وِصال جي، جانڪِيتان جِياسِ.
[ سُر حسيني، وايون، 9 ]

ھَٿان جادَمَ جَکِري، وَٽِيءَ وِچُ نَہ پوءِ،
پِي پِي سو پُرِ ٿِئي، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ،
ڪيفَ ڌاران ڪوءِ، شَلَ جِيئي ڪو مَ جَھانَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 16 ]
پِي پِي سو پُرِ ٿِئي، جو حاتِمَ پاسي ھوءِ،
ڪيفَ ڌاران ڪوءِ، شَلَ جِيئي ڪو مَ جَھانَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 16 ]
جيھِيءَ تيھِيءَ جَکِرو، وَٽِيءَ وِجهي نَہ وِچُ،
اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 17 ]
اَچو آيا نِچُ، سَمي وائِي واتَ ۾.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 17 ]
ويئِي ڪالَهہ ھَٿان، سا ڪالَهہ نَہ اَچي ڪَڏِھِين،
ڪالُهوڻِيءَ ڪالَها، وِڌو وِچُ وَرِھيَنِ کي.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 18 ]
ڪالُهوڻِيءَ ڪالَها، وِڌو وِچُ وَرِھيَنِ کي.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 18 ]
مارِي مَرين شالَ، ڍَٻَ وَڃنِيئي ڍَٻِيُونۡ،
جَنھِن تو اَچِي ڪالَهہ، وِڌو وِچُ وَرھَنِ کي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 22 ]
جَنھِن تو اَچِي ڪالَهہ، وِڌو وِچُ وَرھَنِ کي.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 22 ]
English Meaning
The middle, centre. An interval, medium.