وِچان جي سنڌي معنيٰ
وچ مان، درميان مان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
By center, between, in between.
وِچان جا بيتن ۾ حوالا
پَل پَل ٿِئي پَلِي، ڏَمَ ڏِھاڙِي ڪيتِرو،
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]
پَسِي دَورُ دَرياھَ جو، وِچان ڪِينَ وَلِي،
ڪارِي راتِ قَرِيبَ ڏي، مَنجهان حُبَ ھَلِي،
نَہ ڪَنھِن جهولَ جَهلِي، سَمُنَ پُورِي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 15 ]
ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ،
خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،
اَندَرِ آئينو ڪَري، پِرِين سو پَسيجِ،
اِنَهِيءَ راھَ رَميجِ، تَہ مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 13 ]

تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو،
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
طَعني لاءِ تَران، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو،
مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 17 ]
مُون کي سِڪَ سَيِّدُ چئَي، مَرُ مَحَبتَ مَنجِهہ مَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جُھ ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 17 ]
سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي وِچان سِجُ،
مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ،
ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 10 ]
مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ،
ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 10 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، رَئِي پَسِئو ٿِي روءِ،
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]
وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 14 ]
اَمَڙِ کَڻُ وِچان، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري،
مَڇُڻ ھوتُ ھِنيان، مُون ڀيرِيندِيءَ وِسِري.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 7 ]
مَڇُڻ ھوتُ ھِنيان، مُون ڀيرِيندِيءَ وِسِري.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 7 ]
ٻيلِياڻِي ٻَروچَ، ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي،
لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، پَهچائي پُنهونءَ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 6 ]
لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، پَهچائي پُنهونءَ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 6 ]
ھُيَسِ جي سِياءُ، تَہ ڪِئَمِ ڏُکَ ڏيرَنِ تي،
اَدَبَ وِچان اُنِ سين، ڳالِهہ نَہ ڪِئَمِ ڪا،
ذاتِ مُنھِنجِي ماءُ، ڪچو ٿِي ڪيچِيَنِ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 12 ]
اَدَبَ وِچان اُنِ سين، ڳالِهہ نَہ ڪِئَمِ ڪا،
ذاتِ مُنھِنجِي ماءُ، ڪچو ٿِي ڪيچِيَنِ کي.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 12 ]
ھوتَ ھاڙِھي جا بَلوچَ، ڙي بَلوچَ، موٽِي آءُ ڀَنڀورَ ۾،
سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو، لِڪِي وِچان لوڪَ،
ماڻُهو ڏيِنِمِ ميھَڻا، ڪَچو چَونِمِ لوڪَ،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھِتي ڇَڏِيو مَ ھوتَ.
[ سُر حسيني، وايون، 13 ]
سِڪِي جَنھِن سَڱُ ڪِئو، لِڪِي وِچان لوڪَ،
ماڻُهو ڏيِنِمِ ميھَڻا، ڪَچو چَونِمِ لوڪَ،
نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ھِتي ڇَڏِيو مَ ھوتَ.
[ سُر حسيني، وايون، 13 ]
English Meaning
By center, between, in between.