واٽَ جي سنڌي معنيٰ
رستو، گهاڙو رستو، سڙڪ، پيچرو، دَڳ، گَس، راھ. طريقو، نمونو، سمجهاڻي. ڍنگ، طريقو. لنگهہ، گذر. دستور، رواج. الهندو، طرف ۽ واءُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Road, path, way, the way of explanation or detail in any point, admittance, entrance, a perquisite.
واٽَ جا بيتن ۾ حوالا
وَڍِيين تان ويھُ، نَہ تَہ وَٺِئو واٽَ وَنءُ تُون،
ھِيءُ تَنِي جو ڏيھُ، ڪاتِي جَنِي ھَٿَ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 15 ]

ڪَسَرَ ڇَڏِ ڪَنواٽَ، وِکون وِجُهہ وَڌَندِيُون،
سَنئين سُپَيرِيَن جِي، وِنگِي ڀانءِ مَ واٽَ،
ڇَڏِ جهورِي ڏي جهاٽَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 8 ]

سَڀَيئِي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين واٽَ،
سَھُکِي ڪَرِين سَچا ڌَڻِي سُڄي جا صِراطَ،
سُپيرِيان جي ساٿَ، لَڱو لائُون ميڙِيين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 1 ]

لاڄُو ٿا لَمَنِ، اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا،
ڪارَڻِ تَنِ پِرِيَنِ، ويٺِي واٽَ نِھارِئان.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 16 ]

جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ،
جَنِ کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واھُڙُ ڀائِينِ وِکڙِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 4 ]

واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ،
ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ،
سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ،
جُهوپي ڏيئِي جهاٽَ، پُسائِيندو پَٽِيون.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 12 ]

جُٽَ پِٽي پِھُ جاٽَ، ھاڙِھي پُڇُ مَ ھوتَ کي،
لَڪَنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، ٿِيندَءِ پيرَ پَيماٽَ،
ڇَڏِ مَ گَسُ گُنگُنِ جو، وَٺُ اِھائِي واٽَ،
ڳوڌَنِ وَرايا ڳاٽَ، تُون پُڻ ھَلِجِ تَڪِڙِي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 4 ]

سُڻُ تو سَنگ نَہ واٽَ ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ سين،
ليڙَنِ ڌَڻِي لَڄايا، ڪاھِيائُون ڪَنواٽَ،
جُهوٽي ڏيئِي جهاٽَ، سَبَبِ اِنَ سُتي وِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 31 ]

وَڃِي وَڃِي ٿِيندِياسِ ويجهِي ويجهِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي وو،
آڏا ڏُونگَرَ لَڪِيُون، موٽِجِ مُحِبَ مِجيجِي وو مِجيجِي،
پُڇان واٽَ پَنوَھارَ تو، ٻَيَڙَ آھِيان ٻيجِي وو ٻيجِي،
جَا نَہ ھَلَندِي ھوتَ ڏي، پيءُ تَھِين جو پازِي وو پازِي،
نَمُ گُهرِجي نِينھَن جو، آھِيان آئُون اَروجِي،
ڪَرَھا ڪيچَ ڌَڻِيَنِ جا، جوڙي مَنجِهہ جَمازِي،
ويندِيَسِ تَھِين وَرَ ڏي، آھِيان زالَ جَھِين جِي،
جَا نَہ پُرَندِي پِرِينءَ ڏي، سا تان مِلڪَ مي جِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 12 ]

ويٺو آھي واٽَ تي، ڪُتو ڪُتِيءَ وَٽِ،
پَلَئَہ پانڌِيئَڙَنِ جا، چِيرِيو ڪَري چَٽُ،
جا گُلِرَ ۾ گهَٽِ، سا پونچِي ٿِي پورِي ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 15 ]