نانِيءَ جي سنڌي معنيٰ
ھندو ڌرم موجب ”ڪالي ديوي“ جنھن کي مقامي مسلمان ”ناني ديوي“ ڪري بہ سڏين ٿا. ھي مندر ھنگلاج بلوچستان ۾ آھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
According to Hinduism "Kali Devi" but in Muslims call her as "Nani Devi." This temple is situated in Hinglaj, Baluchistan.
نانِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
نانگا نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،
وِھَڪَ مُون ويئِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 40 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، لوڪان ڪَري لِڪَ،
ويئِي مُون وِھَڪَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 41 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويراڳِي وِئا،
ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 42 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ويچارا وِئا،
ڪِينَرَ ڪاپَڙِيَنِ جا، صُبُوحِ تان نَہ سُئا،
ھُوءِ جي ھِتِ ھُئا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 43 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، چيلا چيلِهہ ٻَڌنِ،
ھُوءِ جٖي ٿا ھَلَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 44 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھاءِ مُنھِنجي حالَ،
ھُوءِ جٖي ڪَھِيا ڪالَهہ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 45 ]

نانگا نانِيءَ ھَلِئا، ھِنگَلاچان ھَلِي،
ديکِي تَنِ نَہ دُئارِڪا، مَھيسِيَنِ مَلِي،
آڳَھُ جَنِ عَلِي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 46 ]

نُونَئُون نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،
اُڪَنڊَ ۾ آديسَ جِي، وِھَڪَ تَنِ ويئِي،
سَناسِي سِڪَ ۾، اوتِينِ ارتوئِي،
لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ اِلَّا بِاذِنِ اللهِ ، وسرِيَنِ ٻِي وائِي،
راوَلَ رِيجهائِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 25 ]

سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين سامِيين،
ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسَينِ اُتومِ،
نيئِي پُورَڀَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ،
سوئِي تِيرَٿُ تَڪِيين، سوئِي پَنڌُ سَندونِ،
ھُو جو تِيرَٿَ تَڪِيو، سامِيَنِ سُونھايومِ،
نِڪِرُتُون نانِيءَ ڏي، ڪَنوٽِيَنِ ڪَھِيومِ،
ڏوري مَنجهان ڏُونگَرين، روئِيءَ رَندُ لَڌومِ.
[ سُر پورب، وايون، 2 ]

جوڳِي ٿِيَنِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري،
اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ،
مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ پُورَڀَ جِي پَچارَ،
لائي وِئا لَطِيفُ چئَي، اَندَرَ مَنجِهہ اَپارَ،
سامِيَنِ ساڻُ سَتارَ، لاھُوتان لالُ ٿِيان.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 14 ]