لاھِ جي سنڌي معنيٰ
ڪڍ، اڇلِ، ڦٽي ڪر
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Unload, get rid off, drop
لاھِ جا بيتن ۾ حوالا
مَعلُومُ حالُ حَبِيبَ، مُون کي دَردُ قَدِيِمي وو،
دَردُ جَدِيدِي وو حُبَ حَبِيبِي وو،
آلُودِي آزارَ کان، تو ريءَ ٿِيَسَ طَبِيبَ،
شادِي ڏيِين صِحَتَ جِي، غَمِي لاھِ غَريِبَ،
ڪاھِلِ آھِيان ڪُوَڙِي، رَسِي لاھِ رَقِيبَ،
حاذِقُ آھِين ھِنَ جو، اَچين شالَ عَجِيبَ،
اَگِهي ٿِي آھُون ڪَرِيان، نَعرو مَنجِهہ نَصِيبَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، پُڇُ پُڇُ رَھيَسِ طَبِيبَ،
اَلا عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڪوڙي لاءِ قَرِيبَ.
[ سُر آبڙي، وايون، 5 ]

اَکِيُنِ جا آگَمَ، مُون تان لاھِ مَ سُپِرِين،
ڪَري مَلارَ مِينھَن جِيئَن، وَسي لاھِ وَھَمَ،
تو ڏِٺي مُون غَمَ، ڏِينھَنِ جا ڏُورِ ٿِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 26 ]
ڪَري مَلارَ مِينھَن جِيئَن، وَسي لاھِ وَھَمَ،
تو ڏِٺي مُون غَمَ، ڏِينھَنِ جا ڏُورِ ٿِئا.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 26 ]
بَنديخانو بُڇڙو، ڪوٽَ ڪَشالو لاھِ،
اللهَ اِنَ عُمَرَ کي، مِھرَ مَنَ ۾ پاءِ،
لوھَ ھِنَ کي لاھِ، تَہ وَڃي وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 13 ]
اللهَ اِنَ عُمَرَ کي، مِھرَ مَنَ ۾ پاءِ،
لوھَ ھِنَ کي لاھِ، تَہ وَڃي وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 13 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِ مَ چُرَ،
اُنِهين جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خالِي نَہ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 1 ]
اُنِهين جا اَمُرَ، کَڻُ تَہ خالِي نَہ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 1 ]
ڪوٺَڻُ قَرِيبَنِ جو، عَينُ تَڙَڻُ آھِ،
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]
اِيءَ اُلِٽِي ڳالِهڙِي، سِکُ وَرَندي ساھِ،
آسَرَ ھَڏِ مَ لاھِ، ڇِنَڻُ ڳَنڍَڻُ اُنِ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 18 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان چُرَ مَ لاھِ،
پِرِيَنِ اَڳِئان پاءِ، پَلئُہ مَڱڻَھارَ جِيئَن.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 2 ]
پِرِيَنِ اَڳِئان پاءِ، پَلئُہ مَڱڻَھارَ جِيئَن.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 2 ]
تُنَ تنيدو آءُ، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 7 ]
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 7 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو ھَڏِ مَ لاھِ،
آھي تَنِ اُونداھِ، جَنِ جَواھِرَ ضايَع ڪِئا.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 12 ]
آھي تَنِ اُونداھِ، جَنِ جَواھِرَ ضايَع ڪِئا.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 12 ]
سونا وانءُ صَرافَ سِينءَ، لَڏو لاھِ مَ، لَڏِ،
سودو سوئِي ڇَڏِ، جِتِ جَواھِرُ ناھِ ڪو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 13 ]
سودو سوئِي ڇَڏِ، جِتِ جَواھِرُ ناھِ ڪو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 13 ]
مُلاحِظو مَھِراڻَ جو، مُورِ مَ لاھِ مَنان،
سامُونڊِي سَڀاڳَ کي، سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ،
جاڳِي جَرَ مَٿان، تاري وانءُ طَرازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 6 ]
سامُونڊِي سَڀاڳَ کي، سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ،
جاڳِي جَرَ مَٿان، تاري وانءُ طَرازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 6 ]
English Meaning
Unload, get rid off, drop