لاھِيين جي سنڌي معنيٰ
ھٽائين، پري ڪرين، ڦٽي ڪرين، اتارين، ڪڍين
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Uloading, getting rid off, treating
لاھِيين جا بيتن ۾ حوالا
تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، ڏاتَرَ کي ڏکَندَنِ،
تَڏِھِين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏھِن اَمُرُ ڪَرِيين اُنَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 3 ]
تُون حَبِيبُ تُون طَبِيبُ، تُونھِين ڊَٺنِ ڊَبُ،
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]
تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ،
آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ وِھارِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 4 ]
سَڄِي ڇوڙَڻُ سُٿِرِي، ڇوڙيِين جَي اَڌُ ڳَنڍِ،
تَہ ڪَڙو لاھِيين ڪَنڊِ، سُپيرِيان جي سيرَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 32 ]
تَہ ڪَڙو لاھِيين ڪَنڊِ، سُپيرِيان جي سيرَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 32 ]
عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا،
ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي،
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ،
قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ لاھِيين ڪَسُ،
حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو، تان تُون پِريَمِ پَسُ،
اَچي اڀاڳَن کي، رَسِجِ اَچِي رَسُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 7 ]

اَصغَرَ ڏي آھِينِ گَهڻا، تُون اَڪبَرَ ڏي آءُ،
مَتان لوڙو، لاھِيين، مَجُوسِيءَ مَٿان،
حَيدَرِ جي ھَٿان، وِڙُھ تَہ ويرِي مارِيين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 4 ]
مَتان لوڙو، لاھِيين، مَجُوسِيءَ مَٿان،
حَيدَرِ جي ھَٿان، وِڙُھ تَہ ويرِي مارِيين.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 4 ]
پاڻِهين پَچِي پييُون، ريءَ واھِيَتَ ريءَ واڙِ،
جُوءِ ڪُشادِي جيڏِيين، مَلِيرُ موڪَ مُھاڙِ،
اُتِ اَباڻا جَنھِن جا، سا ماڙِيءَ مُورِ مَ چاڙِه،
جٖي اُڪَڊِيُون آراڙِ، لوھَ تَنِي کي لاھِيين.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 12 ]