سُونھَن جي سنڌي معنيٰ
سوڀيا، حُسن، خوبصورتي، سونھپ، سُھڻائي، زيب، زينت، سُندرتا. ڌَما، چمڪو، چِلڪو، موزون ترتيب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beauty, charm.
سُونھَن جا بيتن ۾ حوالا
سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، سِکِرَنِ جِھَڙِي سُونھَن،
دِلِ ۾ دُکِي دُونھَنِ، مُنھِنجو مُنھُن ميرو ڪِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 3 ]
دِلِ ۾ دُکِي دُونھَنِ، مُنھِنجو مُنھُن ميرو ڪِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 3 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءُ،
ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 10 ]
ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 10 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ،
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ،
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ،
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي جو آھي،
تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 14 ]
تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 14 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي،
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]
ڳالِهہ ڪِينَ وَڃي، سُپيرِيان جي سَڌَ جِي،
سُپيرِيان جي سُونھَن جِي،
پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون، پھرِين سِرُ سَڃي،
عاقِلَ ئِي اوڄُونِ ٿِئا، ڀورو ڪوھُ نَہ لَڄي،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، سُورِيءَ سِرُ ھَڄي،
عاشِقَ اَنگهُنِ چَڙِهئا، ٻِئو سَڀَڪو ڀَڄي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 10 ]

لَڪِ لاکِيڻو ڪَرَھو، ڪوڙِيُون ڏيئِي ڳِڌومِ،
اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهانگو مَ چَئُہُ.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 57 ]
اڱَڻِ سُونھَن ٿِئومِ، مُلِهہ مَهانگو مَ چَئُہُ.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 57 ]
English Meaning
Beauty, charm.