سُئِي جي سنڌي معنيٰ
ٻُڌِي، سُڻِي، ڪَنائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Heard, listen.
سُئِي جا بيتن ۾ حوالا
ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]

وَھَ تِکَ وَھَڪُرو، جِتَ لَنگَرَ نَہ ٺَهَرَنِ،
وَڏاندَرِيُون وَھَ سامُهُن، ٿِيُون جَهجهي زورِ جُنبَنِ،
نِينڊونءَ ۾ ناتارِيُون، ڪي وَڻِجارا وِجهَنِ،
مُلا معلِمَنِ، مُون ڳَرِي سُئِي ڳالَهَڙي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 17 ]

تَہ ڪَرَ ڪِيئَن سُئِي، جَي سِيرَ نَہ گِهڙِي سُهڻِي،
ھِتِ حَياتِي ڏِينھَڙا، ھَڏِھِين تان نَہ ھُئِي،
چُڪي تَنھِن چَرِي ڪِي، جو ڏِنُسِ اُنِ ڏُھِي،
سُھِڻِيءَ کي سَيِّدُ چئَي، وِڌو قُرِبَ ڪُھِي،
ھُونھِين ھُوندَ مُئِي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻا ٿِئا.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 20 ]

جانۡ ڪي ڪَنڌِيءَ ڪانھَنۡ، تانۡ تاڻي ٻڌِجِ تُرَھو،
ھَٿُ پِريان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانھَن،
سَندِي ڪَپَرَ دانھَن، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 3 ]

ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي کَڻِيئو اُٿِيين،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ،
لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،
اُڪارِيين آڌارَ، آران آکي وارِيُون.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 6 ]

حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جِي، سُئِي جَنگِ جھانَ،
اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ،
پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 10 ]

ڪا جَا ڳالِهہ ھُئِي، ٻاروچي جي مَنَ ۾،
سِرُ سَنگهَرِ پُرِ پَٽِيين، تُون جا لوڪَ سُئِي،
سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، ڪيرُ چُوندو مُئِي،
پَنڌُ ڪَرِيندي پِرِينءَ ڏي، ڪَڏِھِين ڪا نَہ کُھِي،
آن ڪا ڏِنِي اوٺِيا کيرِنِ پاسِ کُھِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 18 ]

ھُئِي جَي نَہ ھُئِي، تَہ ٻانِهي ٻاروچَنِ جي،
اُنَ سَڱَ مُقابِل سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي،
ھُنَ تان لَڄَ لُئِي، ھِنَ جو ھَلَڻُ ھوتَ ڏي.
[ سُر ڪوھياري، اُڊڪا ۽ ايلاز، 10 ]

جَي تُون ڪالَهہ مُئِي، تَہ ڪالَهہ ئِي گَڏِي پِرِينءَ کي،
ڪَڏِھِين ڪانَہ سُئِي، تَہ ڪا سَگهِي گَڏِي سَڄَڻين.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 3 ]

ھوتَنِ ڪانَہ ھُئِي، پاڻِهين پييَمِ پُنهون سين،
ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سُئِي،
سا موٽي ڪِيئَن مُئِي، جَنھِن جو ھِييُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 33 ]