سَنجَهہ جي سنڌي معنيٰ
سَنجها، سانجهي، سَنجهو، مُنھن اُنداھ، رات، سوير، سنجهو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sunset, night, darkness
سَنجَهہ جا بيتن ۾ حوالا
واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪَنجهو ڪَنجَهہ،
جَي پُڻ پَييَنِ سَنجَهہ، تَہ ھُو پِنِيُون ھُو پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 15 ]
جَي پُڻ پَييَنِ سَنجَهہ، تَہ ھُو پِنِيُون ھُو پَٽِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 15 ]
چَنڊَ مَ اُڀِرُ سَنجَهہ، تَہ اُونداھِي اَجهو ڪَرِيان،
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
ڀَري کَٿُورِيءَ ھَنۡجَ، رُٺا پِرِين پَھايانَ.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 23 ]
تُنَ تنيدو آءُ، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 7 ]
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 7 ]
چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي کُوھَ،
پَسِي مُنھُن ساھَڙَ جو، راضِي ٿِيندَنِ رُوحَ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُبوحَ، پَرَچِي پارِ لنگهندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 30 ]
پَسِي مُنھُن ساھَڙَ جو، راضِي ٿِيندَنِ رُوحَ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُبوحَ، پَرَچِي پارِ لنگهندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 30 ]
اَبُرَ ۾ اُھاءُ ٿِئو، گامَ گُهرَندي گَنجَ،
پَسِي پَرِ پِريان جِي، ٿِئا رَقيبان رَنجَ،
شالَ وَسَندو سَنجَهہ، مَٿي عاشِقَ اوھِيرا ڪَري.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 18 ]
پَسِي پَرِ پِريان جِي، ٿِئا رَقيبان رَنجَ،
شالَ وَسَندو سَنجَهہ، مَٿي عاشِقَ اوھِيرا ڪَري.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 18 ]
سِرُ مَڱي سِرُ گهُري، سِرَ ري ٿِيي نَہ صَلاحَ،
غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ،
نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي ساھُ،
خالِقُ سَنجَهہ صَباحَ، ڪو نَہ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 7 ]
غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ،
نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي ساھُ،
خالِقُ سَنجَهہ صَباحَ، ڪو نَہ ڇَڏِيندو ڪِٿَهِين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 7 ]
ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو،
ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ،
مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَونئُرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 22 ]
ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ،
مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَونئُرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 22 ]
وَٺِئو وَڃِجِ راھَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 4 ]
اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 4 ]
ھَنجَ مِڙيئِي ھَنجَ، ميرو مَنجِهنِ ناھِ ڪو،
جِتي پوئينِ سَنجَهہ، سو سَرُ ڪَندا سُرَھو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 7 ]
جِتي پوئينِ سَنجَهہ، سو سَرُ ڪَندا سُرَھو.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 7 ]
جِيئَن قَطَرُ چُڻِئو ڪُڙِه ڀَرِيين، ٻولِ ڀَڃَندي ھَنجَ،
موتِي جٖي مَھِراڻَ جا، پُورا چُڻِجِ پَنجَ،
اَڄُ ڪِ صُباحَ سَنجَهہ، ڍَٻِيءَ ۾ ڍيرُ ٿِيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 20 ]
موتِي جٖي مَھِراڻَ جا، پُورا چُڻِجِ پَنجَ،
اَڄُ ڪِ صُباحَ سَنجَهہ، ڍَٻِيءَ ۾ ڍيرُ ٿِيين.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 20 ]
English Meaning
Sunset, night, darkness