سونُ جي سنڌي معنيٰ
نھايت قيمتي ڌاتُوءَ جو هڪ قسم، ڪَٽ نہ چڙهڻ وارو ڌاتُو، زَر، ڪنچن، ڪُندن، طِلا،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Gold.
سونُ جا بيتن ۾ حوالا
لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا،
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]
ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾،
ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو،
پَٻُ پارَسَ ھوتَ پُنهونءَ، سَڀَيئِي سونُ ڪِئو،
سُرَھو ساٿُ سَيِّدَ جو، واسي وِندُر وِئو،
ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِيان، اِي قَضا ڪَمُ ڪِئو،
آھي عَبدِالْلَطِيفَ جو، سَڌَرَ ساڻُ سِهو.
[ سُر حسيني، وايون، 17 ]

پَلٽِئو پَنجِينءَ رَتِ ۾، رُپو سونُ سَبِيلَ،
پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ،
داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ ڦيرائي فِيلَ،
آکِئُمِ جو اَصِيلَ، سو سِرُ ڏي تَہ سُرَھو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 5 ]
پَلَنگَ پَٿِراڻِيُون پالِڪِيُون، نَوَ لَکَ ناڻي نِيلَ،
داتا وَٺان نَہ دانَ ۾، وَنءُ ڦيرائي فِيلَ،
آکِئُمِ جو اَصِيلَ، سو سِرُ ڏي تَہ سُرَھو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 5 ]
راڻا ھُيَسِ رِيءُ، تو سائِينءَ مُون سونُ ڪِئو،
مُنھِنجي مَدايُنِ جو، حالُ اَٿيئِي ھِيءُ،
ڍولا ڍَڪَڻُ ٿِيءُ، ڪامِلَ ڪَچايُنِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 25 ]
مُنھِنجي مَدايُنِ جو، حالُ اَٿيئِي ھِيءُ،
ڍولا ڍَڪَڻُ ٿِيءُ، ڪامِلَ ڪَچايُنِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 25 ]
واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ،
سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ،
ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،
ھَلُ کَنيائُون ھَٿُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 8 ]
سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ،
ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،
ھَلُ کَنيائُون ھَٿُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 8 ]
چوٿين ڏِينھِن چَوگانَ ۾، ڪَنھِن جَنھِن پَھِ پِئا،
اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا،
وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾ ڪُوڙُ ڪِئا،
سامِي سونُ ٿِئا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 4 ]
اَندَرِ آديسِيَنِ جي، اَچَنِ جوشَ جِھا،
وَھمَ پِريان جي وَڍِئا، تَنِ ۾ ڪُوڙُ ڪِئا،
سامِي سونُ ٿِئا، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 4 ]
آئِي مائِي آئِي، جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي،
سامِي صَبُرُ سِکِئا، مَٽائي وائِي،
سامِيَنِ سونُ ڪَنَنِ ۾، ڇَتَنِ جِي ڇائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 17 ]
سامِي صَبُرُ سِکِئا، مَٽائي وائِي،
سامِيَنِ سونُ ڪَنَنِ ۾، ڇَتَنِ جِي ڇائِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 17 ]
اُتِ ڪا ڪَمِي ڪِيرَتِ جِي، ڪِيرَتِ ڪَرِيين ڪوھُ،
بندو جَو ڪَمُ ڪَري، سو سَڀوئِي ڏوھُ،
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، سَڃِيين تان سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 19 ]
بندو جَو ڪَمُ ڪَري، سو سَڀوئِي ڏوھُ،
تُون پارَسُ آئُون لوھُ، سَڃِيين تان سونُ ٿِيان.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 19 ]
تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنِ پِڃايو پاءُ،
لَسِي تَندُ لَطِيفُ چئَي، ھَلِي تَنِ ھَٿان،
مَلمَل مَنجهان ماءَ، جٖي سِکِيُون تَنِ سونُ ڪِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 23 ]
لَسِي تَندُ لَطِيفُ چئَي، ھَلِي تَنِ ھَٿان،
مَلمَل مَنجهان ماءَ، جٖي سِکِيُون تَنِ سونُ ڪِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 23 ]
ڪارا ڪَرايُنِ ۾، سونُ اَسان کي سُوءَ،
وَرُ جيڏِنِ سين جُوعَ، فاقو فَرَحَتَ ڀانيان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 11 ]
وَرُ جيڏِنِ سين جُوعَ، فاقو فَرَحَتَ ڀانيان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 11 ]
English Meaning
Gold.