سائِين جي سنڌي معنيٰ
سانئين. پاڪ ماڻهو، درويش، ولي، بزرگ ماڻهو، نيڪ ٻانهو. متقي، پرهيزگار. خداترس، امين، ايماندار. سردار. مالڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Respectable, old man, respeced title, master, justice, saint.
سائِين جا بيتن ۾ حوالا
اللهَ سائِين، سائِين ! پُئان پِرِيَنِئُون مَ پاھِين،
وَڏِي آسَرَ آھِين اَسانھِين،
جِتي ديرو دوسِتَ جو، سا ڪِيئَن ڀُون اَڳاھِين،
ڀَنڀِيُون ڀِرِي آيُون، آيَلِ مُون اُتاھين،
قَلَمُ جَنِ جي ھَٿَ ۾، سي سيڻَ سَٻاجها سائِين،
بَندِيءَ جِي بازارَ ۾، شالَ مَ لِکَنِ لائِين.
[ سُر آسا، وايون، 3 ]

دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين، عِشقَ فِراقَ،
پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ،
ڏُونگَرُ ڏورِئو نَہ ٿِئي، مُون وِلِهِيءَ کان واڪَ.
[ سُر ديسي، وايون، 5 ]

وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو،
ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين،
اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،
ڪِينَ مَنجهان ئِي ڪِي ڪَري، سو نَہ ساراھِيين سائِين،
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ ، آھي سَڀَ اُتائِين،
نَوازِيائِين نُطفو، مَنجهان ڪِينَ ڪِيائين،
حرفَتَ حَرِيفَنِ جِي، ڀَڃِي سَڀَ ڀَڳائِين،
حاسِدَ سَڀَ حُزنَ ۾، مُدَعِي پاڻَ مُٺائِين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 2 ]

ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ،
اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان،
ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا عِصِيانَ،
خَبَرَ ناھِ خَبَرَ جِي، نِسورا نِسِيانَ،
والِي رَسِجِ وَھِلو، اَرَڳُ ٿِئا اِنسانَ،
سُڻُ سَٻاجها سُپِرِين، نَعرو نِگَھِبانَ،
مَدِيُون پَسِي مُنھِنجُون، شَرِمايا شَيطانَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ تي، ھئَي ھئَي ڪَنِ حَيوانَ،
سائِين سُکاڻِي آھِين، سامُونڊِيَنِ سُبحانَ،
تُرَھو ڇِنو تارِ ۾، رَسِجِ تُون رَحمانَ،
ٻيلِي جَو ٻُڏَنِ جو، مُون تي موٽي مانَ،
ويٺو پِني پِنِڻو ڪَرِ ڀيرو مَٿي ڀانَ،
خالِقَ تان خُوبُ ڪِئا، گولَنِ جا گُذِرانَ،
آئُون پُڻ اَنڌو اُنِ ۾، ويٺو پِنان پانَ،
سُوالِي سَمَگِئا داتا ڏيئِي دانَ،
وِلِها سَڀَ وَنھِيا ڪِئا، تُنھِنجي جُودَ جُوانَ،
مَتان مُون کي ڇَڏِئين، ٻيلِي سَندا ٻانَ،
وِيرَ وَسِيلو آھِين، داڙُو ۾ دِيوانَ،
لاءِ ڏوھارِيَنِ ڏيھَ کي خِيمو اَڏِئو خانَ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سُڻِجِ ڪا سُلطانَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 3 ]

اُھَرِئا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَرائِيين،
سامُونڊِيَنِ سائِين، واءُ سَڻائو وارِيين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 17 ]

ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ تَڻِي تيڏاھِين،
مِيان سائِين نيڻين نِينھَڙو لَڳائي وِئَڙا،
دونھِين دوسِتَ ميھارَ جِي، ڏيئِي جِيئَن ڏِٺائِين،
ساري سُپِرِين کي، رَھبَرِ رَتُ رُنائِين،
دامَنِ تيڏِيءَ چَنگُلُ ميڏا، روزَ قِيامَتَ تائِين،
پِيرُ اَسانڏا حضرتُ مِيران، جُمِلي دِي آسَ پُڄائِين،
جيڏاھَن عالَمَ آسِرو، مُون پُڻ آھِ اوڏاھِين.
[ سُر سھڻي، وايون، 6 ]

رائي رَھائي، ھَلي مُنڌَ ھَٿَنِ سين،
تَرِيُون تَنگَ وَرَنِ ۾، ڇُلِي ڇِنائين،
اُتي عَبدالَطِيفُ چئَي، رَھَہ ۾ رُنائِين،
سٻاجها سائِين، وِجهين ٻاجَهہ ٻَروچَ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 17 ]

اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين،
چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين،
ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين،
وينَتِيُون واحِدَ کي، تَنھِن ويرَ ڪِئائِين،
سَٻاجها سائِين، راءُ ريجهائِين راڳَ سين.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 1 ]

ڪا جَا تَندُ ڪُماچَ جِي، سُتي سُئائِين،
موٽِي مَڱڻَھارَ کي، پَرِ ۾، پُڇِيائين،
ڪِي تُون مَڱِڻو مالَ جو، ڪِي سِرِي گهُرين سائِين،
ڪَنڌَ ڏي ڪِئائِين، اِشارو آڱُرِ سين.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 17 ]

مَولو ڪَندو ماڙِ، مُنھِنجِي اللهُ ڪَندو،
ھادِي ڏيئِي ھَٿَڙا، مَنجهان چِڪَڻِ چاڙِھِ،
ھُو جو ويرِي واٽَ جو، سو سائِين نيئِي ساڙِ،
ڪِشتِي ڪَمِيڻَنِ جِي، اللهَ لَڳِ اُڪارِ،
ڪَلمُو چَئِي ڪَرِيمَ جو، سَڀَ لَنگهَندا پارِ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفَ کي، ڏاتَرَ ڏيھُ ڏيکارِ.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 2 ]