حَقُ جي سنڌي معنيٰ
سَچُ، راستي، صدق، سچائي. )صفت( صحيح، برابر، پورو، سچو. درست، ٺيڪ، بجا، ثابت، قائم، لازم، لائق، واجب، حلال، جائز، مباح، روا. خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو. صوفين جي اصطلاح ۾ حقيقي وجود، خدا تعاليٰ. انصاف
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Truth, right, due, just claim, equity, justice. (adj) Just, right.
حَقُ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِيءُ ھيڪِڙائِي حَقُ،
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرسِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 12 ]
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرسِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 12 ]
وَحدَتان ڪَثرَتَ ٿِي، ڪَثرَتَ وَحدَتَ ڪُلُ،
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
حَقُ حَقِيقِي ھيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھِيءُ ھُلاچو ھُلُ، سَڀو سَندو سَڄَڻين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 14 ]
چَنڊَ ٿو چُئَئِين حَقُ، وِڙِھين جي وِچِڙين،
ٻَہ اَکِيُون ٽِئون نَڪُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 27 ]
ٻَہ اَکِيُون ٽِئون نَڪُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 27 ]
ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ،
اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 5 ]
اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ،
سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،
حَقان حَقُ ٿِيوسِ، ھُئِي طالِبِ حَقَ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 5 ]
سارِي سِکُ سَبَقُ، شَرِيعَتَ سَندو سُهڻِي،
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]
طَرِيقَتان تِکو وَھي، حَقِيقَتَ جو حَقُ،
مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلِ عاشِقَنِ جِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 13 ]
پَلِيان پَلِيو نَہ رَھي، نِرتُون نِينھُن نِبارُ،
گِهڙان گهورِئُمِ جِندَڙو، اُٽَلَ مُون اوڀارُ،
جَنِي مَنِ ميھارُ، ھَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 13 ]
گِهڙان گهورِئُمِ جِندَڙو، اُٽَلَ مُون اوڀارُ،
جَنِي مَنِ ميھارُ، ھَلَڻُ تَنِي حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 13 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين جِيئَن،
قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن،
سَرَتِيُون ساھَڙَ سِينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 5 ]
قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن،
سَرَتِيُون ساھَڙَ سِينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 5 ]
ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ،
خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،
اَندَرِ آئينو ڪَري، پِرِين سو پَسيجِ،
اِنَهِيءَ راھَ رَميجِ، تَہ مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 13 ]

ھارِيۡ رَکِجِ حَقُ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]
خُوابَ، خِيالَ، خَطِرا، ٽِنِهي ڏيجِ تَرَڪُ،
ڪَري غَيرُ غَرَقُ، ويجهو ٿِيءُ وِصالَ کي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 14 ]
جِياسُون جوڙَ ٿِي، ڏِٺُم تارِ تَرَڪُ،
ھاڻي تَنِي ھَٿِ ڪِئو، ھو جَني جو حَقُ،
رامُ اُنَهَنِ روئيو، سامِي آڻِ مَ شَڪُ،
سَندو نَهِيءَ نَڪُ، اُنِ اَمرَ ساڻُ اُتارِئو.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 22 ]