کُوھا جي سنڌي معنيٰ
ٻيڙيءَ جا سيخلا جن ۾ اَڏ ٻڌجي، ڪاٺيءَ جا ڊگها ڇڙه، جن تي سڙھ پکڙي بيھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Masts of a boat.
کُوھا جا بيتن ۾ حوالا
کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري،
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
ٻيڙِي تُنھِنجِي ٻاجَهہ، وَکَرُ تَنھِن وِصالَ جو،
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]

کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، ساڄا سِڙَه سباءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَ اولِيُون، لاڄُو سَڀَ لَڳاءِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، کُوھا خُوبُ کَڻاءِ،
تَہ سامُونڊِي سَندِياءِ، سَچِي ساکَ اُبَھي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 24 ]

وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

کُوھا ٿا ڏِسجَنِ، وَڙَڪَنِ اُڀِيُون وانئُيِٽوُن،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪالَهُون پوءِ ٿا ڪَنِ،
تُون نَہ پَڄَنديِنءَ تَنِ، جُھ سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 19 ]
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪالَهُون پوءِ ٿا ڪَنِ،
تُون نَہ پَڄَنديِنءَ تَنِ، جُھ سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 19 ]
سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
سِڙَه سِبِي ساڄا ڪَري، کُوھا کَنيائُون،
بيرَقُون بَحرَنِ ۾، چوڙي ڇَڏِيائُون،
لَهرِيُون لَنگِهيائُون، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 15 ]

کُوھا سِڙَه اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيائُون،
پُنِيُون مُدَعائُون کَنڊَ کيڙائُون آيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 18 ]
کُوھا سِڙَه اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيائُون،
پُنِيُون مُدَعائُون کَنڊَ کيڙائُون آيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 18 ]
English Meaning
Masts of a boat.