چَنيسَرَ جي سنڌي معنيٰ
سومرن جي دور جو مشھور بادشاھ، ليلا جو مڙس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Famous king of the Soomra period, husband of Leela.
چَنيسَرَ جا بيتن ۾ حوالا
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
ڪانڌُ ڪَنھِن جو نَہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،
ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 30 ]
ڪانڌُ ڪَنھِن جو نَہ وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ،
ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 30 ]
چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري،
جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ،
ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 31 ]
جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ،
ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 31 ]
ڪوڙِين تُنھِنجُون ڪامِڻِيُون، تُون ڪوڙِنِ سَندو ڪانڌُ،
مُون کي ڍيلِ مَ وَلَها، تَہ وَرَ وَڃان نَہ وِڙُواندِ،
مُون ڳِچِيءَ ۾ پاندُ، تو چَنيسَرَ ھَٿَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 33 ]
مُون کي ڍيلِ مَ وَلَها، تَہ وَرَ وَڃان نَہ وِڙُواندِ،
مُون ڳِچِيءَ ۾ پاندُ، تو چَنيسَرَ ھَٿَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 33 ]
نَهي ٻَڌي روءِ، اَڱَڻِ جهوڪِئو ڪَرَھا،
ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَہ وَڃي لِيلان لَڏِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 44 ]
ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَہ وَڃي لِيلان لَڏِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 44 ]
آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو،
پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي،
دوسِتُ نِئائُون داسَڙو، ويساھي وَرُ ويھِي،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مَٺايُون، مُنھِنجُون ڍولا ڍَڪِ سَڀَيئِي،
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرَ ڪَرِينديسِ ڪيھِي.
[ سُر ليلا، وايون، 1 ]

مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ،
سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ،
راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ،
چوڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيھان ڏيھِ ڏَھڪارُ،
ٺاڪُرُ اَکِيُنِ ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 3 ]

رِيڌِيئَن پَسِي رَنگُ، ھُو جو مَٿي مَڻيي،
ڀورِي ڪِئوءِ نَہ ڀَنگُ، چَنيسَرَ جو چِتَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 7 ]
ڀورِي ڪِئوءِ نَہ ڀَنگُ، چَنيسَرَ جو چِتَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 7 ]
چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِي جو اَڳُ ھو،
مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 8 ]
مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 8 ]
چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪا جَا اَڳُ ھُئِي،
مَڻيي سَندِي ڳالِهڙِي، تِھان پوءِ ٿِي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 9 ]
مَڻيي سَندِي ڳالِهڙِي، تِھان پوءِ ٿِي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 9 ]
مَڻيي مَٿي موھِجِي، مُوڙِھِي ڪِئوءِ مَرَڪُ،
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ،
وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 13 ]
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ،
وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 13 ]
English Meaning
Famous king of the Soomra period, husband of Leela.