پَٽُ جي سنڌي معنيٰ
پڊ، زمين. ميدان پوٺو، سڃ. بيابان. مُلڪ. ٿر جي ڏاڍي زمين وارو حصو. ريشم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The bare ground, and open bare plain, the floor. Silk.
پَٽُ جا بيتن ۾ حوالا
ھَلَندي ھوتَ پُنهونءَ ڏَي، کُھِجَنِ ڪي کوٽِيُون،
پَھَڻُ تَنِي پَٽُ ٿِئو، جٖي لَئي لالَڻَ لوٺِيُون،
سَڀَ سھَيلِيُون سِڪَ کي، چُنجِهيُون ۽ چوٽِيُون،
ٻانڀَڻِ ٿِي ٻوٽِيُون، تَہ ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 1 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪَرِ پَڙاڏو پَٽُ،
سِرُ سُورِيءَ ڌَڙُ ڪُنگِرين، مَڇُڻ ڪُڇين ڪَٽُ،
عِشقُ نانگُ نِپَٽُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَوي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 15 ]

راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، نَہ ڪا سِيڻاھِ ساڻُ،
وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي سَڀَ پَٽُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 17 ]

جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، ويئِي چوران لِڪَ،
سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 10 ]

سِڱِيُون سيلِهيُون گَبِرِيُون، ٽيئي ٽولَ تَڳو،
پَٽُ ھَڻِي پَٽَ سين، ڀيري تَنِ بَڳو،
لاشَڪُ جَنِ ڳَلو، سي مَڙِهنِئان مُورِ نَہ نِڱِئا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 12 ]

پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گهَران،
مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران،
پُڇَنِ توءِ شَرَعَ، جَي عَدالَتَ اُنِ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 5 ]

سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نَہ تَہ پاڳارا پُرسَ ٻِئا،
ڳَھڙَ تُنھِنجي ڳَنڃَڙي، اَچي جالَ جَڳَٽُ،
جَنِ جيھوئِي پَٽُ، تَنِ تيھائِي بِکِئا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 14 ]

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان سُومَرا.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 6 ]

پَٽُ نَہ پَرَھِيان سُومَرا، جان ڪِي تان جِيئان،
آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان،
جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ نَہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِئو.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 7 ]

لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون،
اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون،
سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا ڏيجُ ڏِنائُون،
ڪِيئَن پَٽُ پَرَهِيان، عُمَرَ جو آئُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
کِھَہ مانڌاڻِي مَکِڻِي، قُوتُ جَنِ جو سائُون،
عُمَرَ تي زورو ڪَري، جيلاھَ راڄُ اَڳاهُون،
کاڄُ کَٿيرِنِ سُرَهو، سَڱَرُ ۽ سائُون.
[ سُر مارئي، وايون، 13 ]