وِھان جي سنڌي معنيٰ
ويھان، بيھڻ يا ھلڻ ڇڏي ھيٺ ٽڪجان، رهان، پئجان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sit, become idle.
وِھان جا بيتن ۾ حوالا
ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو،
وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ،
وَڃان تَہ واڪو پَئي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
ھُتِ ٿِي وَعدي وارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِينِ سَرَتِيُون.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 26 ]

ڄاڻِي سُڃاڻِي، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري،
اَندَرِ آڳِ عِشقَ جِي، اَپَرِ اُڌاڻِي،
اَلْعِشْقُ نَارٌ يُحْرَقُ مَا سِوَا الْمَحْبُوْبِ ، کُوري ۾ کاڻِي،
آھي آرِياڻِي، ٻِئو سَرَتِيُون سُڄي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 18 ]

ڇَپَرُ ڏيئِي ٻَنِ، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري،
جِتِ ڪوھِيَرا ڪافَ جا، ٻَھَ ٻَھَ ٻاڦُون ڪَنِ،
موٽُ مَرَندِيئَن سَسُئِي، تُون نَہ پُڄَندِينءَ تَنِ،
ھِيءُ سَڱُ ٻاروچَنِ، مَرَڻَ مُنھِنجي لاءِ ڪِئو.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 22 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ،
اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ،
لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ،
پُرڻُ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،
مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 1 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڏَڪَنِ مُنھِنجا ڏوھَ،
ھُوءِ اوڇَرَ سِر اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌَ پَڇاڙي پوھَ،
ليڙَنِ ريءَ لَطِيفُ چئَي، ڪِيئَن ڪَرِيندِيَسِ ڪوھَ،
اَڳِئان رائو سُڄي روھَ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 2 ]

ھَلَندِي ھاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ ساھُ،
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ،
ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 3 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻي، گَسَنِ تان مَ گُسانِ،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، رِڙِھِي مانَ رَسان،
پُنهون شالَ پَسان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 4 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڇَپَرَ ۾ ڇُلان،
پاٻوھَ پُنُوھَ ڄامَ جِي، سَرَتِيُون ڪِيئَن سَلان،
سارِئو تَنھِن سَردارَ کي، اَندَرِ روھَ رُلان،
ڄامَنِ ڏانھَن ڄُلان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 5 ]

ڀائِي حالَ ھَلِي وِئا، ڪَنھِن کي سُورَ سَلانُ،
کَڻِئو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ لُڇان،
پانڌِي ڪِيرِ پَڇان، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 6 ]

اِيندو ھوتُ ڇَپَرَ جو ڄامُ، جيڏِيُون ڪِينَ ڇَڏيِندو ڪَڏِھِين،
وِھان ڪِيئَن ڀَنڀورَ ۾، ڪَري مَنُ مُدامُ،
ڪاھي رَسَندِيَسِ ڪيچَ کي، جِتِ سَندو گوھَرَ گامُ،
مَران تان مانُ لَهان، ٿِيان ڪيچِنِ تان قُربانُ،
پيراندِيءَ پُنهونءَ جي، مُنھِنجو ٿِئي مُقامُ،
ويجهو وَراڪَنِ ۾، اِيندو سو اِمامُ.
[ سُر معذوري، وايون، 7 ]