وِتَرو جي سنڌي معنيٰ
تمام، سرس، زيادہ، وڌيڪ. بھتر، سَجيھ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Much, very much, a great deal.
وِتَرو جا بيتن ۾ حوالا
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ نَہ وِتَرو،
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
سَڄو تان سَؤُ لَکَنِ لَھي ڀَڳو تان نِيلُنِ،
ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 26 ]
ماڻِڪُ مُلَهان وِتَرو، چَيو ڌُرِ ڌَڻِيَنِ،
سوجهي صَرافَنِ، بي بَھا بَسِ ڪِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 26 ]
تَران تَہ مَران، وَران تَہ وَھُ وِتَرو،
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
ھِينئَڙي ۾ ھوتَنِ جا، اَچَنِ گهورَ گَهڻا،
پَسِئو پاڙي وارِيُون، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَران،
وِچان ڪِيئَن وَران، جِيئَن ڪَنڌِيءَ مُنھِنجو ڪارَڻِي.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 16 ]
مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
نِينھَن مَ نالو ڳِنُ، پِريَتَڻي پيرَ ٻِئا،
سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 7 ]
سُورَنِ سان مَ ڇِنُ، وِرھُ وِھائِجِ وِتَرو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 7 ]
نَنڍو تان ڪوھُ، پَرَ وِکُنِ آھي وِتَرو،
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
وَڃِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَھسَ پَکِيءَ جِيئَن پوءِ،
اِنَ ڪُرَ سَندو ڪوءِ، مَيو ماٺو نَہ ٿِيي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 24 ]
سَمُو سَوائِي، ٻَھُون ٻِئَنئان وِتَرو،
دانَهہ جي دَرٻارِ ۾، وَرَتي اِيءَ وائِي،
ڳَھڙَ ڳالَهائِي، مَھَڙَ سَڀَ مَلَهائِيا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 25 ]
دانَهہ جي دَرٻارِ ۾، وَرَتي اِيءَ وائِي،
ڳَھڙَ ڳالَهائِي، مَھَڙَ سَڀَ مَلَهائِيا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 25 ]
ٻيٽو ٻاپان وِتَرو، ڪَرَھو ڪيھَرِ جو پَسُ،
آپُ ڇَپاوَڻُ پَرُ مارَڻُ، ذاتِ سِينهان جي جَسُ،
جِتِ لَڳي دَمامَنِ دَسُ، اُتِ مَٿي اَڙِيُنِ اُسِري.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 6 ]
آپُ ڇَپاوَڻُ پَرُ مارَڻُ، ذاتِ سِينهان جي جَسُ،
جِتِ لَڳي دَمامَنِ دَسُ، اُتِ مَٿي اَڙِيُنِ اُسِري.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 6 ]
سُڃو جَي ساڻيھُ، تَہ پِہ وَھِينِئان وِتَرو،
گهورِئو سو پَرَڏيھُ، توڻي ڦُلَنِ ڇانيو.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 17 ]
گهورِئو سو پَرَڏيھُ، توڻي ڦُلَنِ ڇانيو.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 17 ]
لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو،
اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ،
ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 23 ]
اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ،
ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 23 ]
English Meaning
Much, very much, a great deal.