مُومَلَ جي سنڌي معنيٰ
مومل راڻي واري قصي جي سانئڻ جو نالو. سھڻي، حسين (عورت)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A female character of Moomal Rano folk tale. A beautiful woman, pretty.
مُومَلَ جا بيتن ۾ حوالا
مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ،
راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا،
مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان سَڀَ ھَلَندا،
اَصلِ لِکِئو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان اَدا،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ صَدا،
ڪَلمي ساڻُ لَڏائِيين، ھادِي ھِنَ ھَنڌان،
سَھُکِي سَڪِراتِ ڪَرِيين، والِي ويرَ وِداعَ،
اَھُکِيءَ ويرَ اَچيجِ تُون، اُتي اَحمَدا،
مَتان ڇَڏِيين مَڱِڻو، مَھِندان مُرشِدا.
[ سُر راڻو، وايون، 4 ]

ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو،
ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ،
مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَونئُرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 22 ]
ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ،
مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَونئُرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 22 ]
چَندَنَ سين چِڪَ ڪَري، جِتِ رَنيائِين راڻي کي،
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
ھاڻي اُنِين ڀيڻِيين، وِرِھَ وَراڪا ڏي،
سوڍو سُڃَ ڪَري، مُومَلَ ماڻي ھَلِئو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 8 ]
ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان وِئا پَئِي،
لوڌِيَڙَنِ لَطِيفُ چئَي، سوڍو ڪِئو سَھِي،
مُومَلَ ماڳِ رَھِي، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 14 ]
لوڌِيَڙَنِ لَطِيفُ چئَي، سوڍو ڪِئو سَھِي،
مُومَلَ ماڳِ رَھِي، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 14 ]
جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾، مُومَلَ مَينڌَرو،
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 19 ]
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 19 ]
مُومَلَ ناھِ مَينڌَرو، جان جان مَنجِهہ نَصِيبَ،
مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 20 ]
مُون کي مُون حَبِيبَ، طَعنو ئِي تُنھِنجو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 20 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ،
پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھِن مَسَ ٿِئي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 3 ]
پَسو سُونھَن سامِيءَ جِي، رَتُ وَرِنو روءِ،
جو مُنھِن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تَنھِن مَسَ ٿِئي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 3 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو پاڻُ بَرِي،
سائِي شالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏيھُون کَرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 6 ]
سائِي شالَ ڪُلَهنِ ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي،
خَبَرَ ڏيھُون کَرِي، ڪا مُومَلَ جي مَجازَ جِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 6 ]
ڪَرَ موڙِيندي ڪاڪِ تَرِ، مُومَلَ ڏِٺِي مُون،
اُٿِلِيُسِ آھُون ڪَري، ڀِرِي مَٿي ڀُون،
سا جي ڏِسين تُون، تَہ موٽين ڪِينَ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 16 ]
اُٿِلِيُسِ آھُون ڪَري، ڀِرِي مَٿي ڀُون،
سا جي ڏِسين تُون، تَہ موٽين ڪِينَ مَينڌَرا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 16 ]
مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکِيُنِ ۾ اَنگُورَ،
ھَڻي حَڪِيمَنِ کي، پَٽِي مَنجهان پُورَ،
گهوٽَ پِھرِيين گهُورَ، گُجَرِ گَهڻا گهائِيا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 19 ]