لِيلان جي سنڌي معنيٰ
ليلا، چنيسر جي زال جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Leela, name of Chanesar's wife.
لِيلان جا بيتن ۾ حوالا
وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي سِيئَن،
لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻِيو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 6 ]
لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻِيو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 6 ]
نَهي ٻَڌي روءِ، اَڱَڻِ جهوڪِئو ڪَرَھا،
ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَہ وَڃي لِيلان لَڏِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 44 ]
ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَہ وَڃي لِيلان لَڏِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 44 ]
لِيلان لَکَڻَ پانھِنجا، سارِجِ سَڀَيئِي،
وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 1 ]
وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 1 ]
لِيلان جِمَ لَکائِيين، سُوڀِي ساڻُ سُڄاڻِ،
آھِين گهَڻو اَڄاڻِ، مَڇُڻ پُوري نَہ پَئين.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 2 ]
آھِين گهَڻو اَڄاڻِ، مَڇُڻ پُوري نَہ پَئين.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 2 ]
لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ،
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]
لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ،
وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، مُوڙِھِي مُٺِئي پاڻُ،
ڀورِي ڪِيُئِي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 4 ]
وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، مُوڙِھِي مُٺِئي پاڻُ،
ڀورِي ڪِيُئِي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 4 ]
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان تُون مَ لَکاءِ،
دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ،
ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي آڏو اَچي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 5 ]
دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ،
ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي آڏو اَچي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 5 ]
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکاءِ مَ تُون،
تو جو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن سين آئُون نَہ ڪا تُون،
رُوندِيُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 6 ]
تو جو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن سين آئُون نَہ ڪا تُون،
رُوندِيُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 6 ]
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ،
تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ،
ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو داسَڙو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 7 ]
تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ،
ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو داسَڙو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 7 ]
لِيلان لُڇُ مَ ايتِرو، اُٿِي اَڱڻُ سورِ،
ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 8 ]
ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 8 ]
English Meaning
Leela, name of Chanesar's wife.