لِيلان جي سنڌي معنيٰ
ليلا، چنيسر جي زال جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Leela, name of Chanesar's wife.
لِيلان جا بيتن ۾ حوالا
وَصُلُ تَنھِن وِڃايو، سِينڌِ سُرِمي سِيئَن،
لُوٺِي لِيلان جِيئَن، مَڻِيو جَنھِن مِٽُ ڪِئو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 6 ]

نَهي ٻَڌي روءِ، اَڱَڻِ جهوڪِئو ڪَرَھا،
ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَہ وَڃي لِيلان لَڏِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 44 ]

آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو،
پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي،
دوسِتُ نِئائُون داسَڙو، ويساھي وَرُ ويھِي،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مَٺايُون، مُنھِنجُون ڍولا ڍَڪِ سَڀَيئِي،
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرَ ڪَرِينديسِ ڪيھِي.
[ سُر ليلا، وايون، 1 ]

لِيلان لَکَڻَ پانھِنجا، سارِجِ سَڀَيئِي،
وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 1 ]

لِيلان جِمَ لَکائِيين، سُوڀِي ساڻُ سُڄاڻِ،
آھِين گهَڻو اَڄاڻِ، مَڇُڻ پُوري نَہ پَئين.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 2 ]

لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ،
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]

وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، مُوڙِھِي مُٺِئي پاڻُ،
ڀورِي ڪِيُئِي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 4 ]

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان تُون مَ لَکاءِ،
دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ،
ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي آڏو اَچي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 5 ]

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکاءِ مَ تُون،
تو جو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن سين آئُون نَہ ڪا تُون،
رُوندِيُون ڏِٺِيُون مُون، اِنَ دَرَ مَٿي دادُلِيُون.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 6 ]

چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ،
تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ،
ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو داسَڙو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 7 ]