جوڳَ جي سنڌي معنيٰ
ميلاپ، وصل اُپائيندڙ سان، مراقبا، ڌيان، سَماڌِي. ڌيان ڄمائي روح سان ملي وڃڻ. ذڪر فڪر ذريعي معرفت حاصل ڪرڻ جي حالت. جوڳي فقيرن جا زُهد، تَپسيائون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The duty of a jogi, devotion, religious meditation, union with the deity by means of abstract contemplation.
جوڳَ جا بيتن ۾ حوالا
جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين پَچارُون جوڳَ جُون،
ھِڪو پَنڌُ پِرِيَنِ جو، ٻِي تُنھِنجِي ڀُون،
سامِي سيڻَنِ ڏُونھِن، رُوَندا ئِي رَتُ وِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 8 ]
ھِڪو پَنڌُ پِرِيَنِ جو، ٻِي تُنھِنجِي ڀُون،
سامِي سيڻَنِ ڏُونھِن، رُوَندا ئِي رَتُ وِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 8 ]
اَٺين ڏِينھِن اُڀِي وِئا، جوڳِي جاءِ بَجاءِ ،
سا پَر سامِي سِکِئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،
ويروتارِ وُجُودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَھيو ئِي آھِ،
ڪَنھِن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 8 ]
سا پَر سامِي سِکِئا، جا پَرِ جوڳَ جُڳاءِ،
ويروتارِ وُجُودَ ۾، اُنِ کي رامُ رَھيو ئِي آھِ،
ڪَنھِن ڪَمائِيءَ لاءِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 8 ]
جوڳِي تُنھِنجي جوڳَ ۾، ڳالِهہ گُهرِجي ڳَچُ،
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ،
وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
سوئِي ٻارِجِ، مَچُ، جِيئَن ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 13 ]
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِي پُڻ وَڏوڪَچُ،
وَڍي چِيري چِچِري، پَرِ ۾ اُڀو پَچُ،
سوئِي ٻارِجِ، مَچُ، جِيئَن ٻَھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 13 ]
جِندا ھو مَ جوڳَ ري، پائي جوڳُ مَ جِيءُ،
ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ،
وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، اسارو ”آئُون“ چُئين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 19 ]
ھارِئا ھُنِ ڪَنَنِ سين، سُڻُ سَنِيھو اِيءُ،
وِڃائي وُجُودَ کي، پاڻان پاسي ٿِيءُ،
ھَڏِھِين ڪونِهي ھِيءُ، اسارو ”آئُون“ چُئين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 19 ]
جِندا ھو مَ جوڳَ ريءَ، جِندا جوڳُ مَ پاءِ،
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڪا مَ سَلاءِ،
پَھڄَڻُ پارِينداءِ، مَتان رامُ رُسائِيين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 20 ]
ڪُوڙِي ڪِجِ مَ ڪَڏِھِين، سَچِي ڪا مَ سَلاءِ،
پَھڄَڻُ پارِينداءِ، مَتان رامُ رُسائِيين.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 20 ]
کَڻُ گودَڙُ ٻَڌُ گَبرِي، کانءِ مَ کِدائُون،
جِندا وَڃِي جوڳَ سين لَھِجِ ڪِي لائُون،
اِيئَن ڪوھُ اُتائُون تَہ سِڱِيُون شامَتِ ھَٽَ جِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 15 ]
جِندا وَڃِي جوڳَ سين لَھِجِ ڪِي لائُون،
اِيئَن ڪوھُ اُتائُون تَہ سِڱِيُون شامَتِ ھَٽَ جِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 15 ]
نَڪِي نَمَنِ ناٿَ کي، ناٿُ نَہ نَمائينِ،
جاٽا ڪَنِ نَہ جوڳَ کي، جوڳُ نَہ جُھارينِ،
اُھِڃاڻِيُون آڻِينِ، آديسِي اِلَماسَ جُون.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 15 ]