جوڳِي جي سنڌي معنيٰ
يوگي، جوڳ پچائيندڙ، جيڪو پنھنجو ڌيان ڌڻيءَ سان ملائي. هندو فقيرن جو گروھ جن جو اصول زهد ۽ تَپسِيا ذريعي خدا سان ملڻ جو هوندو آهي. سنياسي. نانگ جهليندڙ فقير. سيلاني فقير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of Hindu fakir, devotee. A snake-charmer, serpent-charmer. adj. Befitting, suitable.
جوڳِي جا بيتن ۾ حوالا
آئُون اُڪَنڊِيائِي مَران، پِرِين ڀَلا پَرَ ڏُورِ،
ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 23 ]
ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 23 ]
ڪالَهہ گَڏِيوسُون ڪاپَڙِي، جِھَڙو ماھُ مُنِيرُ،
فَيضُ فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 4 ]
فَيضُ فِراقُ فَقِيرُ، جوڳِي جاڳائي وِئو.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 4 ]
بابُو ڏِٺوسُون بَرَ ۾، جِھَڙو سِڄُ صُبُوحِ،
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]
راوَلُ رَچِي لالُ ٿِئو، جوڳِي مَنجهان جُوءِ،
تَنھِن سامِيءَ سَندي سوجِهري، ٿِي حَيرِيَتَ ۽ ھُوءِ،
جَنِ ديکِئو رُوبَروءِ، سي واصُلُ ٿِئا وِصال سين.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 10 ]
ڀيرو ڀَڃُ مَ ڪاپَڙِي، لاھي ويھُ مَ لاڳِ،
تان مُون ھِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 9 ]
تان مُون ھِينئَڙو ماڳِ، جان تُون جوڳِي جُوءِ ۾.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 9 ]
جوڳِي اِيئَن جَهرَڪِئو، جِيئَن اُونداھِيءَ ۾ آڳِ،
آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ،
ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ تي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 12 ]
آديسِي عِشقَ جِي، لائي آيو لاڳِ،
ويٺو تَنھِن سَڀاڳِ، جِيئَن ڪوسُ ڏِھاڙِي ڪاڪِ تي.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 12 ]
ميڙِيو ڀاڻُ ڀَريُون ڪَري، جوڳِي جَلائِينِ،
سامِي سِڱَڙِيَنِ سين، خُودِيءَ کي کانِئينِ،
ھُوءِ جٖي تارَ نَہ تَڳائِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 28 ]
سامِي سِڱَڙِيَنِ سين، خُودِيءَ کي کانِئينِ،
ھُوءِ جٖي تارَ نَہ تَڳائِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 28 ]
وَڄائي واٽَ ٿِئا، جوڳِي جُڳاڻين،
ھُئا جٖي ھاڻي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 37 ]
ھُئا جٖي ھاڻي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 37 ]
ھئَي ھئَي ڪِئو ھَٿَ ھَڻان، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ،
پيھِي وِئا پاٺَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 38 ]
پيھِي وِئا پاٺَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 38 ]
مِٽَ نَہ مَعذُرِيَنِ جا، جوڳِي جاٽَ نَہ نِينِ،
اِنِهِيءَ ۾ آھِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 39 ]
اِنِهِيءَ ۾ آھِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 39 ]
چيلِهہ چَڪَرَ، ڳَلِ سِڱيُون، مَٿَنِ مُگِٽَ موڙَ،
ڪَمَر پَٽا پيٽَ تي، نانگَنِ ٻَڌا نوڙَ،
ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، مَٿي گَنگا گوڙَ،
ساري سَناسِيَن کي، کامِي ٿِيَسِ کوڙَ،
ڪَڏِھِين پاسا پَٽَ تي، ڪَڏِھِين کَٽُنِ کوڙَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 2 ]