ھِينئَڙو جي سنڌي معنيٰ
اندر، ھيانءُ، دل، وجود، پنھنجو پاڻ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Innermost, own-self, heart, existence
ھِينئَڙو جا بيتن ۾ حوالا
جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو،
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون،
ٻانھُون ٻيلَ نَہ لاھِيان، پُنَهلِ کي آئُون،
چَڙِهي نَہ سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاھُون،
ھُو جي پَھَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائُون،
مُون مُٺِيءَ تي مَنڊئا گُوندَرَ گِلائُون،
ھِينئَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جِيئَن، ڇِڪِيءَ ڇِنائُون،
ھِينئَڙو ڌاڙُھُونءَ گُلَ جِيئَن، ريھي رَتائُون،
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرَ ڏِنائُون،
ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، تان گهورِي مَرُ آئُون،
ويندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکائُون،
پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، موٽِيَسِ جي آئُون،
ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڻِ وَڻِ واچائُون.
[ سُر حسيني، وايون، 1 ]

ھيرائِي ھَٿِ ڪِئو، ھِينئَڙو حَبِيبَنِ،
ٻَڌِي ڪَچِيءَ تَندُ ۾، سَلاڙِئو سيڻَنِ،
جُوڌا پيچَ پِرِيَنِ، تَہ ھِينئَڙو ھَٿِيڪو ٿِئو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 5 ]

وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ نِينھُن تِکَ نِرالِي،
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيين سي والِي، ھِينئَڙو جَنِي ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 1 ]

نَوَ نِيَرَ پائي، جان مُون ھِينئَڙو جَهلِئو،
وِئَڙو ڇَنائي، پوئيِنءَ راتِ پِرِيَنِ ڏي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 28 ]

اَڄُ جَهمَڪِي ماءَ، ھِينئَڙو مان ڪورُ ٿِئو،
جُهوپي ۾ نَہ سَماءِ، صَحيُ مَڙَندو سَڄَڻين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 16 ]

جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري،
سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ تُنھِنجو سُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻي، ڏيھُ پِريان جو ڏُورِ،
وَڃي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِينئَڙو پِرِينءَ حُضورُ.
[ سُر کنڀات، وايون، 7 ]

ھِينئَڙو ٻيڙِيءَ جان، ڏُتَڙِ پي ڏِينھَن ٿِئا،
پُڇِئو تان نَہ پِريان، ڪَرَ لاھُو ٿِي ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 8 ]

مُون کي جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي ڳالِهہ ڪَري،
ڊَٺو اَڄُ اَڏيِو، ھِينئَڙو ڪوٽَ بُرِجَ جِيئَن.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 10 ]

آڌِيءَ اُڌاڻو، ھِينئَڙو مُون ھَٿَنِ مان،
لَنگهي سِيرَ سَنئُون ٿِئو، ساھَڙَ سِيباڻو،
ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيَ جو پَسِي آيو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 8 ]

آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏارُون،
ھِينئَڙو ھيرَڻَ پَنَ جِيئَن، ڦُٽِي ٿِئو ڦارُون،
ڪَنھِن کي ڏيکارِيُون، ڪونِهي سوداگَرُ سُورَ جو.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 4 ]