ڪَربَلا جي سنڌي معنيٰ
عراق ۾ هڪ شهر جو نالو جتي حضرت امام حسين عليہ السلام جن شھيد ٿيا، عراق ۾ هڪ بيابان جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kerbala is a city in central Iraq, located about 100 km southwest of Baghdad, and a few miles east of Lake Milh, also known as Razzaza Lake.
ڪَربَلا جا بيتن ۾ حوالا
واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ،
ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِئا، طَرف سَندي تَقدِيرَ،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جيڪا تقدِيرَ رَبَ جِي لِکئو لوڙِيائُون،
فَرزَندَ عَلِيءَ جا دادُلا، مُون ٿي ڪوڏِ نِپايا،
بِيبيءَ بَتُولَ جَنَتَ خاتُونَ، پَارَ ڪَڍِي ڳِرَ لايا،
فَرزَندَ عَلِي جا دادُلا، چَيو بِيبِيءَ بَتُولَتا،
خُونُ ڇِڪِيندِيَسِ اَوَھان جو، جانِي ڏِينھَن قِيامَتا،
پَسِي سَختِي مِيرَ حُسينَ جِي، رُنُو نَبِيَنِ زارو زارِ،
مَلَکَ فَلَکَ ڌَرَتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اُڇِنگارَ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 7 ]

سَختِي شَھادَتَ جِي، نِسورو ئِي نازُ،
ڪي رِندَ پَروڙِينِ رازُ، قَضِيو ڪَربَلا جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 12 ]
ڪي رِندَ پَروڙِينِ رازُ، قَضِيو ڪَربَلا جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 12 ]
ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
قَضِيو ڪَربَلا جو، مِڙيوئِي مَلارُ،
ڳالِهہ سَڄِيائِي ڳُجَهہ جِي، اِلاھِي اِسرارُ،
مَولو ٿِئو مُختِيارُ، پَنھِنجَنِ جُون پَرَکُون لَھي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 14 ]
ڳالِهہ سَڄِيائِي ڳُجَهہ جِي، اِلاھِي اِسرارُ،
مَولو ٿِئو مُختِيارُ، پَنھِنجَنِ جُون پَرَکُون لَھي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 14 ]
ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نَہ پِيارِينِ،
اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ،
نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 6 ]
اُتي عَلِيءَ شاھَ کي، شھزادا سارِينِ،
نِڪِرِئو نِھارِينِ، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 6 ]
سُلطانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپارَ ۾،
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ،
مُنھَن ڪاري مَروانُ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 3 ]
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪَربَلا ۾، مارِيائُون مِزمانُ،
مُنھَن ڪاري مَروانُ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 3 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ،
سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ،
ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ،
ماري مِصرِيُنِ سين، ڍُنڍَ ڪِئائُون ڍيرَ،
دَھلِئا اُتِ دِليرَ، پَسِي حَملو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 6 ]

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَھلِبَيتَ آيا،
ماري مِصرِيُنِ سين، اُنِ ڪافِرَ ڪَنبايا،
سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، اِھَڙا سُورِھَہ سُپِرِين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 7 ]
ماري مِصرِيُنِ سين، اُنِ ڪافِرَ ڪَنبايا،
سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، اِھَڙا سُورِھَہ سُپِرِين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 7 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، سُورِھَہ ساماڻا،
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 8 ]