ڪاڏي جي سنڌي معنيٰ
ڪيڏانھن؟، ڪٿي؟، ڪاٿي؟، ڪھڙي طرف؟، ڪھڙي هنڌ؟، ڪھڙي پاسي؟، ڪٿي نہ ڪٿي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Where? Somewhere?
ڪاڏي جا بيتن ۾ حوالا
ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪاڏي پَرِيُون پَنڌُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، رِڙِھِي لَڌُمِ رَندُ،
آيَلِ آسابَندُ، ڪَنھِن پَرِ ڪيچِيَنِ سان ٿِئي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 10 ]
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، رِڙِھِي لَڌُمِ رَندُ،
آيَلِ آسابَندُ، ڪَنھِن پَرِ ڪيچِيَنِ سان ٿِئي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 10 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ھيبَتَ ھُلاچو،
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو،
ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 3 ]
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو،
ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 3 ]
ڪاڏي وَڃان ووءِ، جِيئَن وَھَڻُ وَڇارَنِ مَٽِئو،
ڏوڌِي پُڇي ڏيھَ جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ،
شِڪَستِي سَيِّدُ چئَي، چِيھُون ڪِئو چوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 16 ]
ڏوڌِي پُڇي ڏيھَ جا، جَرَ سِرِ اُڀِي جوءِ،
شِڪَستِي سَيِّدُ چئَي، چِيھُون ڪِئو چوءِ،
ساھَڙَ سانگُ سَندوءِ، اَچِي اوراھُون ٿِئي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 16 ]
صَبُرَ ۽ شُڪُرَ کي، ڪاڏي آئُون ڪَندِي،
آھِيان جَنھِن سَندِي، سوئِي گُهرِجي ساڻُ مُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 10 ]
آھِيان جَنھِن سَندِي، سوئِي گُهرِجي ساڻُ مُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 10 ]
تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو،
تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ،
لَڳِي اُڃَ اَکِيُنِ کي، سِگهو موٽُ سَتارَ،
پَسان ڪِينَ پِريَتَڻُو، ڪاڏي پِرتِ پَچارَ،
بَندِياڻِي ڀَنڀورَ ۾، آھِيان آنھان ڌارَ،
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، آرِياڻِي آڌارَ،
ڏِيان خيزَ خِزان ۾ بي تو مَنجِهہ بَھارَ،
مُضَرَتان مُون کي ڪِئا، حَڪِيمَنِ ھَزارَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، وارو واقفِڪارَ،
آڻي ڏي عَلِيلَ کي، معجونُون موچارَ،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ کي، تُنھِنجِي پِيَ پَچارَ.
[ سُر معذوري، وايون، 10 ]

ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو،
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]
ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو،
ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،
جَنِي جَتُ نِيو، تَنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 9 ]
ڪوھِيارو ڪيڻانِ، ڪيڻِ وَڃِي ڪاڏي وَڃان،
مُون ڀانيو سيڻان، ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 30 ]
مُون ڀانيو سيڻان، ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 30 ]
اُٿِيو ۽ اُٿِياڪُ، ڪالهوڪو ڪاڏي گَيو،
وِئو جاڳائِي جيڏِيُون، بِرھُ ھو بيباڪُ،
چُرڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 1 ]
وِئو جاڳائِي جيڏِيُون، بِرھُ ھو بيباڪُ،
چُرڦُر ڪاري چاڪُ، سُورُ سُمَهاري ڪِينَ ڪِي.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 1 ]
ھوتُ نيڻان جو دِلِبَندُ، ڀَلو جانِي،
ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ،
چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ،
سَيِّدُ سَڀَنِئا سُهِڻُو، سائِينءَ جو سوڳَندُ.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 1 ]
ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ،
چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ،
سَيِّدُ سَڀَنِئا سُهِڻُو، سائِينءَ جو سوڳَندُ.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 1 ]
اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي طَعنا ڏِينِ تي،
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي،
پَٿَرِ وارَ وِڇايان، آئُون رِيجِهي راڻي کي،
کارايان کِيرولِيُون، آئُون چارِيان چانگي کي.
[ سُر راڻو، وايون، 7 ]
ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي،
پَٿَرِ وارَ وِڇايان، آئُون رِيجِهي راڻي کي،
کارايان کِيرولِيُون، آئُون چارِيان چانگي کي.
[ سُر راڻو، وايون، 7 ]
English Meaning
Where? Somewhere?