ڪارا جي سنڌي معنيٰ
ڀنڀا، اونداھا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Black, complete dark.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
ڪارا جا بيتن ۾ حوالا
ماڻڪَنِ ڀَرِيا مَٽَ، ڪَٽِجِي ڪارا ٿِئا،
تان نَہ اُپَٽِئا ھَٽَ، جان غِراقُ نَہ گَڏِجي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 16 ]
تان نَہ اُپَٽِئا ھَٽَ، جان غِراقُ نَہ گَڏِجي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 16 ]
ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا،
مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا،
ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا،
اَچِي پَئِي اُتَھِين، جِتِ سِيرَ سَندا سَڙَڪا،
کَرَڪَنِ جا کَڙَڪا، سُونھان ٿِئَڙَسِ سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 5 ]

ڪارا ڪَڪَرَ ڪيسَ، اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙئا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 11 ]
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪَري لالَ لِبيسَ،
پِرِين جي پَرَديسَ، مُون کي مِينھَن ميڙئا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 11 ]
ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ وارا،
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]
اُٺا گهَڻِيءَ اُورِ سين، ڪَڪَرَ جي ڪارا،
واحِدَ وَسِڪارا، چَوڌارِي چَڱا ڪِئا.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 13 ]
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، آيا نَہ موٽِي،
ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي،
آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 8 ]
ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي،
آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 8 ]
ڪاري ڪَڪَرَ ھيٺِ، مُون جهيڙيندا ڇَڏِئا،
ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ،
ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي مِيهَڻوُن.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 11 ]
ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ،
ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي مِيهَڻوُن.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 11 ]
ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين،
کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا،
سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا، آتَڻَ وَٽِ اوتارا،
آھِيان پَٿِ پُنهونءَ جي، ڪَندِيَس ڪُنَرَ ڪارا،
پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرِينءَ جو، ھئَي ھئَي ھَٺَ اَسارا،
ڪيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، مَيا سي ٿِئَڙَمِ مارا،
ساري سُپَيرِيَن کي، رُوَندا سي نيڻَ ويچارا،
اَنڌِيَنِ آسَرَ آھِين، موٽِجِ مُحِبَ موچارا،
ويٺو ڏي ڏُکِيءَ کي، پُنَهلُ ڄامُ پُوڄارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 11 ]

ڪارا ڏِٺَمِ ڪانگَ، لَمَندا لَڪَنِ ۾،
چانڪِ پَکا پُنهونءَ ڄامَ جا، تان وَتَنِ ٿا ويڙانگَ،
نَہ ڪا وَسِي وِچَ ۾، نَہ آنگَ نَہ چانگَ،
سُپيرِيان جي سانگَ، مادَرِ مارِي آھِيان.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 13 ]
چانڪِ پَکا پُنهونءَ ڄامَ جا، تان وَتَنِ ٿا ويڙانگَ،
نَہ ڪا وَسِي وِچَ ۾، نَہ آنگَ نَہ چانگَ،
سُپيرِيان جي سانگَ، مادَرِ مارِي آھِيان.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 13 ]
تَڪِيَنِ سين توڙان، ويراڳِيَنِ وَڻي ڪِينَڪِي،
ڄَراٽِي ڄيرَنِ سين، ڪارا ڪِئائُون ڪوڙا،
آسَڻَ اجوڙا، سَجوڙا سين سَڄَڻين.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 18 ]
ڄَراٽِي ڄيرَنِ سين، ڪارا ڪِئائُون ڪوڙا،
آسَڻَ اجوڙا، سَجوڙا سين سَڄَڻين.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 18 ]
کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ ھَرَ ھَچارا،
پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا،
مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 9 ]
پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا،
مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 9 ]
English Meaning
Black, complete dark.