ڄامَ جي سنڌي معنيٰ
امير، رئيس، سردار، سنڌ جي سما بادشاهن جا لقب. وڏ گهراڻا، هڪ ذات جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A title of the old Sindh princes, lord, prince.
ڄامَ جا بيتن ۾ حوالا
نَہ ڪَنھِن ڄائو ڄامَ کي، نَڪو ڄامَ وِياءُ،
نَنڍي وَڏي گَندَري، سَڀَ ڪَنھِن آھِ سِياءُ،
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُولَدْ ، اِيءَ نِجابَتَ نِياءُ،
ڪِبرُ ڪِبرِياءُ، تَختُ تَماچِيءَ ڄامَ جو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 17 ]

ويڙِهِيچَنِ کي ٿِي واجهايان، ڀَلا ڄامَ،
مان نَڪو، ميڙائي جو مِينھُن وَسي،
عُمَرَ اُنَهِيءَ ڏيھَ جو، پانڌي روزُ پُڇايان،
مَٿي ڏِنِيَمِ مارُوئين، سا لوئِي ڪِيئَن لَڄايان،
ميندِي مارُوءَ ڄامَ جي، لالَ هَٿَنِ کي لايان،
ويٺِي عُمَرَڪوٽَ ۾، ڳُڻَ مارُنِ جا ڳايان.
[ سُر مارئي، وايون، 21 ]

ڪو جو ڪامَڻُ مي، آھي اَکَڙِيُنِ ۾،
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
عِشقُ اِيئَن ڪَري، جِيئَن ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 25 ]

اَڙِي مي، سَمي جا سَمگِي، تَنھِن کي ڪيرُ چُوندو مي،
گاڏي چاڙِھي گَندَرِي، ماڻُهو ڪِيائين مي،
تَنُ تَماچِيءَ ڄامَ جو، ناڀُون پايو ني،
ڄارو ڄامَ ڪُلِهي ڪِئو، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
سَمي جي سُھاڳَ جو، مِينڍو ڳُتو مي،
جَنِ نَہ وِھارِي وَٽِ ۾، ٿِئَڙا سَلامِي سي،
عالَمُ اِنعامِي ڪِئو، نُورِيءَ نازُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 1 ]

ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون،
ڪوٺِيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائُون،
لاڄُن ۾ لَطِيفُ چئَي، ٻيڙا ٻَڌائُون،
نَذُرُ نَبِيءَ ڄامَ جو، چَڙَھندي چَيائُون،
جي ڇُوھي ڇوڙِيائُون، سي ٻيڙِيُون رَکين ٻاجَهہ سين.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 11 ]

جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي،
سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪي،
مُونھان ئِي اَڳي، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 4 ]

صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪارَ،
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ،
بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ،
سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان ڌارَ،
ساھَڙَ ڄامَ سَتارَ، اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 4 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھُڳاءُ،
لَٽي وييُون لَهرِيُون، مَوجُون مُون مَٿا،
ساھَڙَ ڄامَ سَواءِ، ڪونِهي تُرَھو تارِ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 6 ]

چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِيئَن،
سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن،
ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ پاتَمِ نِينھَن جا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 4 ]
سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن،
ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ پاتَمِ نِينھَن جا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 4 ]
English Meaning
A title of the old Sindh princes, lord, prince.
ڄامَ ٻول جا زمرا