پيرُ جي سنڌي معنيٰ
پَگ، پَڳُ، پر، قدم. پير جو نشان، پيرو. ڦيٿو بيل گاڏي جو. ميز ڪرسي وغيرہ جي ٽنگ. شادي غميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو تعلق يا رستو.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Foot, pes (The foot paw, the impression made by foot, a trace.)
پيرُ جا بيتن ۾ حوالا
واڪِئو واڪِئو وِکَ، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻِي،
سي نَہ چَڙَھندِيُون ڏِکَ، موڙي پيرُ مَڻَن جي.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 7 ]

وَڃِي وَڃِي ويٺَڙِي تِتي، جِتِ پيرُ ڏِٺائين پِرِينءَ جو،
پيرُ سُڃاتائِين پِرِينءَ جو، مَنجهان نِينھَن نِرتي،
ھُو وِھِيا وَڻِڪارَ ڏي، ھِنَ ڀوريءَ ڀانيا ھِتي،
جَنھِن ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، سو ڪوھِيارو ڪِٿي،
مَري رَھَندِيَسِ ماڳھِين، نَہ تَہ ھادِي اچِجِ ھِتي،
آمان لِيمان ڦُلَ ڦارُوھا، ڳاڱا راڱا جِتي،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڪا پييَن مَٿي پِتي.
[ سُر حسيني، وايون، 8 ]

سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 4 ]

صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَہ ڀائيسِ ڪيرُ،
مَنجهان ئِي مَنجِهہ وِڙھي، پَڌَرِ ناھيسِ پيرُ،
جَنِي ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو واھَرُو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 2 ]

سِڪَ نَہ آھي سُٿِرِي، کَڻُ پَرُوڙي پيرُ،
ڪُسَڻَ ڌاران ڪيرُ، ڪَري سَڌَ صِراطَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 14 ]

ڪَنھِن چَيُئِي تَہ پاءِ، پيرُ پِريان جي پيرَ ۾،
سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 15 ]

عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ سَيرُ،
اَچِي پُڇَندَءِ پاڻِھيِن، پِرِين ڀَري پيرُ،
تَنِ ڀَلَنِ سَندو ڀيرُ، رَھبَرُ ٿِيندُءِ راھَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 20 ]

ويندِي آئُون پِرِيَنِ وَٽِ، مُون وِھُ وَڻِجارَنِ سين،
وايُون وَڻِجارَنِ جُون، اَدِيُون اَڄُ نَہ ھَٽِ،
ڏيئِي سِڙُه سِيرَ ٿِئا، پيرُ نَہ لايائُون پَٽِ،
پَڳَھُ کَڻُ مَ پاتِڻِي، جانِي مُون وَٽِ جَٽِ،
ڳَرَھِيان سُورُ سَفَرَ جو، ھَلِي پَنھِنجي ھَٽِ،
پُورِيندِيَسِ پِرِينءَ ڏي، ڪا نَہ ڪنديِسَ گَهٽِ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 8 ]

پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِڃاءِ،
عِشقَ ساڻُ اُٺاءِ، پيرُ پِريان جي پارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 35 ]