پيرَ جي سنڌي معنيٰ
پَگَ، پَڳَ، پر، قدم. پيرن جا نشان، پيرا. ڦيٿا بيل گاڏي جا. ميز ڪرسي وغيرہ جون ٽنگون. (پير ڀرڻ: شادي غميءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو تعلق يا رستو.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Foot, pes (The foot paw, the impression made by foot, a trace.)
پيرَ جا بيتن ۾ حوالا
جِئان ڏِنائُون پيرَ، جِئان ڏِنائُون پيرَ،
مَٿي اَڱَڻَ آئِيا، سُونھَڻَ لَڳا سيرَ،
جِئائِين نَبي نِڱِئو، ڀَري مُبارڪَ پيرَ،
ساري شفِيعَ ڄامَ کي، ھِينئَڙي لَڳِي ھيرَ،
ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، اَچِي عَلِيءَ شيرَ،
لَٿا ڏُکَ سُکَ ٿِئا، ٿِي واڌائِيءَ ويرَ.
[ سُر بلاول، وايون، 2 ]

اَچِي اولَڙِي ڪيرَ ڪيرَ، وَٽان پاڻِيءَ وارِيين،
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
نالي سُڄي سُهڻِي، ذاتِ نِڄاڻان ڪيرَ،
گَهڙي گهورَ نَہ جَهلِي، پَٽِ نَہ کُتِسَ پيرَ،
کُڙيُون کُنِهبي رَتِيُون، ميندِيءَ رَتَڙَسِ پيرَ،
ھِتِ گهُرِجين ھيرَ، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، وايون، 9 ]
وَنءُ مَدِيني مَڱڻا، اَکِيُون پيرَ ڪَري،
جِتِ ماڻِڪِي مُحَّمَدَ مِيرَ جِي، جَهرڪِيو جوتِ ڪَري،
پَسِئو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ نيڻَ ٺَري،
پِرِيتَئون پيرَ ڀَري، ڪِجِ زِيارَتَ ذَوقَ سين.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 20 ]
جِتِ ماڻِڪِي مُحَّمَدَ مِيرَ جِي، جَهرڪِيو جوتِ ڪَري،
پَسِئو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ نيڻَ ٺَري،
پِرِيتَئون پيرَ ڀَري، ڪِجِ زِيارَتَ ذَوقَ سين.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 20 ]
ھاڙھي ھيٺِ لَڳا، سَڄَرَ پيرَ، تازا پيرَ پِريان جا،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏُونگَرِ ڏِينھَن تَتا،
سُونھَن سُونھارا مُنھَن موچارا، آن ڪي ھوتَ ڏِٺا.
[ سُر ديسي، وايون، 18 ]
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏُونگَرِ ڏِينھَن تَتا،
سُونھَن سُونھارا مُنھَن موچارا، آن ڪي ھوتَ ڏِٺا.
[ سُر ديسي، وايون، 18 ]
ڪاتِي جَنِ ڳَري، مانۡ لَنئُن لَڳو تَنِ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
ڪَنھِن چَيُئِي تَہ پاءِ، پيرُ پِريان جي پيرَ ۾،
سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 15 ]
سيڻَنِ سُورُ سُھاءِ، تُون سُکَنِ جُون سَڌُون ڪَرِين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 15 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي پيرَ پئانِ،
سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ،
ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 14 ]
سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ،
ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 14 ]
ڪَنھِن ڀِنڀُولِيين ڪَرَھا، ڪَنِي ڪامَڻ ڪِياءِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ ڳَٺاءِ،
وَڳَ ڪِ وِسَرِياءِ، ٻَڌو جِيئَن گَهاڻي وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 15 ]
اَکِيُنِ مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ ڳَٺاءِ،
وَڳَ ڪِ وِسَرِياءِ، ٻَڌو جِيئَن گَهاڻي وَھين.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 15 ]
نَہ ڪَنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ ڪَنھِن ڪامَڻ ڪِئاسِ،
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]
اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ،
وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو لوڙِئو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 16 ]
ڪِٿي ھُوندَمِ ھيرَ، ھِينئَڙي سَڄَڻَ سارِئا،
اَچِي لالَڻَ نَہ ڏيِين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ،
ٿِي وِرُونھَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 11 ]
اَچِي لالَڻَ نَہ ڏيِين، مَٿي پَلَنگَنِ پيرَ،
ٿِي وِرُونھَڻَ ويرَ، ڳُجهُہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 11 ]
English Meaning
Foot, pes (The foot paw, the impression made by foot, a trace.)