پانھِنجي جي سنڌي معنيٰ
سندي، خود جي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Owned, own
پانھِنجي جا بيتن ۾ حوالا
ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھِنجي،
سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 37 ]
سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ،
جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ ۾.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 37 ]
اَصلِ عاشِقَ پانھِنجي، سِسِي نَہ سانڍِينِ،
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]
لاھِئو سِرُ لَطِيفُ چئَي، ساھُ سَلاڙِئو ڏِينِ،
ڪُلَھَنِئُون ڪاٽِينِ، پُڇَنِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 30 ]
وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پانھِنجي ڪَرَھي،
وَليُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيون مَٿي پَٽَ،
چانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 48 ]
وَليُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيون مَٿي پَٽَ،
چانگي چَکِي چَٽَ، پوءِ نَہ رَھَندو پَئنِدَ ري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 48 ]
عُمِرِ سَڀَ عَبَثُ، وَقتَ وِڃايَمِ پاھِنِجا،
ويرَ وِڃايَمِ پانھِنجي،
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، جيڪِي ڪِئو مَسُ،
قَلبُ ڪارو جو ٿِئو، ڪاتِبَ لاھِيين ڪَسُ،
حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو، تان تُون پِريَمِ پَسُ،
اَچي اڀاڳَن کي، رَسِجِ اَچِي رَسُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 7 ]

بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وَٺِيُون تَرايُون،
پِرھَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَريَنِ ھَٿَڙا، ٿِيُون سَنگهارِيُون سايُون،
ساري ڏُھَنِ سامُهِيون، ٻولاھِيُون ۽ رايُون،
ٻايُون ۽ دايُون، پَکَي سُونھَنِ پانھِنجي.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 6 ]

اِيءُ ڪَمُ ڪوھِيارَنِ، جِيئَن کُهِيُون کَڻَنِ پاڻَ سين،
اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ،
ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ نَہ ڪَنِ،
ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيَنِ، دِلِاسا دَرَماندِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 17 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ پانھِنجي، سَڀَ نِباھِيو نِيَنِ،
ڇَڏيِو وَڃو ڇَپَرين، ھِيئَن تان ھوتَ نَہ ڪَنِ،
ڏُونگَرَ مَنجِهہ ڏِيَنِ، دِلِاسا دَرَماندِيين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 17 ]
مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ اِيندا، ھوتَ سَلامَتَ سُپِرِين،
سَڱُ نَہ ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا،
پَريٽِ نِيندا پاڻَ سين، ڇورِي تان نَہ ڇَڏِيندا،
پَلَئِہ لائي پانھِنجي، نِيءَ کي اُتِ نِيندا،
رَکِي ڳَلُ ڳِلَنِ تي، نِينھَن نِياپو ڏِيندا.
[ سُر آبڙي، وايون، 16 ]

اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي،
پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لالَ،
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيالَ،
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ،
پُڇي پيادَنِ کي، آرِياڻِي اَحوالَ،
جي ڀانيَين جَتَنِ جي، ويجهِي ٿِيان وِصالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪا وَڙالَ.
[ سُر معذوري، وايون، 2 ]

اَڃا پَنڌُ اَڳي ٿِئو، مُڙِئو سِڄُ مَٿان،
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]
ڏَڍُ مُنھِنجي ڏِيلَ جو، وِئو ھوتُ ھَٿان،
ٻَڌِي ٻاروچو وِئو، جَمَعُ جانِ جَتا،
ڪارَڻِ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، ڪِيَمِ ڪانَہ ڪَٿا،
مُون کي نِينِ نَٿا، پِرِين مُلِڪِ پانھِنجي.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 25 ]
مُون کي نَٿا نِينِ، پِرِينِ مُلِڪِ پانھِنجي،
ڌوٻِڻِ جِي ڌِيءُ ڪِئو، تَڏِھِين ٿا تَڙِينِ،
جي گهَگهيرِنِ گَڏِينِ، تَہ ٻُڏا ٻانِهينِ جِيئَنِ ڪَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 26 ]
ڌوٻِڻِ جِي ڌِيءُ ڪِئو، تَڏِھِين ٿا تَڙِينِ،
جي گهَگهيرِنِ گَڏِينِ، تَہ ٻُڏا ٻانِهينِ جِيئَنِ ڪَرِيان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 26 ]
English Meaning
Owned, own