يَهْدِي اللهُ لِنُورِہِ مَن يَشَاءُ جي سنڌي معنيٰ
”الله جنھن کي چاھي ان کي پنھنجي نور جي راھ ڏيکاريندو آھي.“
(قرآن مجيد جي سورت النور جي آيات نمبر 35 جو ھڪ حصو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
"Allah guides to His Light whom He wills."
(Holy Quran, Soorah Al-Noor, part of an Ayah: 35)
يَهْدِي اللهُ لِنُورِہِ مَن يَشَاءُ جا بيتن ۾ حوالا
سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ خيرُ کِين،
يَهْدِي اللهُ لِنُورِہِ مَن يَشَاءُ ، اِيءَ اِنهين لَئي آھِ،
صُحبَتَ تُنھِنجِي سَيِّدُ چئَي، سامِيَنِ وَٽِ سَماءِ،
ھِيءَ تَنِي جِي جاءِ، جَنِ ٻَئِي جَڳَ ڇَڏِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 26 ]

سوئِي راھَ رَدِ ڪَري، سوئِي رَھنُما،
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ .
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 7 ]

وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو،
ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين،
اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،
ڪِينَ مَنجهان ئِي ڪِي ڪَري، سو نَہ ساراھِيين سائِين،
وَتُعِز مَن تَشَآءُ وَتُذِل مَن تَشَآءُ ، آھي سَڀَ اُتائِين،
نَوازِيائِين نُطفو، مَنجهان ڪِينَ ڪِيائين،
حرفَتَ حَرِيفَنِ جِي، ڀَڃِي سَڀَ ڀَڳائِين،
حاسِدَ سَڀَ حُزنَ ۾، مُدَعِي پاڻَ مُٺائِين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 2 ]

الِفَئُون آديسِيَنِ کي، سَدا سُورَ چُرَنِ،
اَندَرِ تَنِ آديسَ جا، مَحَبتَ مَچَ ٻَرَنِ،
اُلُفَتَ عَزِيرِي ناھِ ڪا، نَڪِي جَهنگِ ھَلَنِ،
اَللهُ لَطِيفٌ بِعِبَادِهِ يَرْزُقُ مَنْ يَشَاءُ ، آيَتَ اِيءَ پَڙَهنِ،
سَناسِي سَهڙَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 29 ]

اللهُ اللهُ ڪَنِ جي، اسِين مُورِ نَہ مَڃِيُون تَنِ،
نَڪِي چَوَنِ ڪَلمُو، نَڪِي ٻانگَ ٻُڌَنِ،
لائي کي لاڪُنِ، آڌُوتِي عَدُمُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 5 ]

عِشقَ جي عَمِيقَ مان، چُڪو چَکِيائِين،
وِھَڻُ تَنھِن وِھُ ٿِئو، گهَرُ ٻارُ گهورِيائِين،
الاللهَ آسَڻُ ڪَري، سَرِيرُ سوجِهيائِين،
مَن عَرَفَ نَفسَهُ فَقَد عَرَفَ رَبَهُ ، ڏيلا ڏِٺائِين،
پِرِتان پِيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 20 ]

سَڀا سِياھِي آھي آرِيءَ ڄامَ ري،
ڪَڏِھِين پَسي ڪانَہ ڪا، ريءَ لالَڻَ لالائِي،
دُودُ دِلِ تان دُورِ ڪَري، ساڄَنَ صَفائِي،
مَن لا شیخ لہ فشیخہ الشیطٰن ، اِنَ ريءَ اُونداھِي،
ھُوءَ جَا ھَلِي ھيڪَلِي، گِيرَبُ گَنوائِي،
بِلَا شَيۡخ مَنۡ يَّمۡشِيۡ فِي الطرِيۡقِ ڪَمَنۡ يَّشۡمِيۡ فِي الۡبَحۡرِ بِلَا سَفِيۡنَةٍ ، اِھَڙِي اَوائِي،
تَنھِن ريءَ تَوائِي، ڪوڙيِين ٿِيَنِ ڪيتِريُون.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 7 ]

اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ،
والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،
سو ساراھِ سَچو ڌَڻِي، چَئِي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 1 ]

سو ھِي سو ھُو، سو اَجَلُ سو اللهُ،
سو پِرِين سو پَساھُ، سو ويرِي سو واھَرُو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 20 ]

تُون چَئُہ اللهُ ھيڪِڙو، وائِي ٻِي وِسارِ
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 15 ]
تَنَ ۾ تَندُ تَنوارِ، سَدا سُپَيرِيَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 15 ]
English Meaning
"Allah guides to His Light whom He wills."
(Holy Quran, Soorah Al-Noor, part of an Ayah: 35)
يَهْدِي اللهُ لِنُورِہِ مَن يَشَاءُ ٻول جا زمرا