وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ جي سنڌي معنيٰ
اسلام ۾ ڪلمي شھادت جو ھي ھڪ حصو آھي جنھن جو مطلب آھي: ”ھُو ھڪ آھي، جنھن جو ڪو بہ شريڪ يعني ڀائيوار نہ آھي.“
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
This is part of Kalma’e Shahadat in Islam which means: “He is the One alone, without partner.”
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ جا بيتن ۾ حوالا
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، چَئِي، چُوندو آءُ،
فَرضَ، واجِبَ، سُنَتُون، تِنِيئُون تَرَڪُ مَ پاءِ،
توبَهَ سَندي تَسبِيحِ، پَڙَهڻَ ساڻُ پُڄاءِ،
نِڱا پَنھِنجي نَفسَ کي، ڪا سَئِين راھَ سُونھاءِ،
تَہ سَندي دوزَخَ باھِ، تو اوڏِيائي نَہ اَچي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 26 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن،
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَڏھِن چَيو جَنِ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، ھيجا ساڻُ ھِنيَنِ،
تَڏِھِين مَنجهان تَنِ، اَوَتَڙِ ڪونَہ اولئِو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 3 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جَنِ اُتو سين اِيمانَ،
تَنِ مَڃِئو مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 4 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، ٻُڌُءِ نَہ ٻوڙا،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئا، گَهٽَ اَندَرِ گهوڙا،
ڳاڙِيندين ڳوڙها، جَڏھِن شاھِدَ ٿِيندَءِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 10 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ،
کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ،
پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 11 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ، اِيءُ ھيڪِڙائِي حَقُ،
ٻِيائِيءَ کي ٻَکُ، جَنِ وِڌو سي وِرسِئا.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 12 ]

کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، ساڄا سِڙَه سباءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَ اولِيُون، لاڄُو سَڀَ لَڳاءِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، کُوھا خُوبُ کَڻاءِ،
تَہ سامُونڊِي سَندِياءِ، سَچِي ساکَ اُبَھي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 24 ]

جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ سان سَدا دِلِ سوگهِي،
پُرِئا پُورَڀَ پارَ ڏي، اَدِي بيراڳِي آئِي،
سامِي سَفَرِ ھَلِئا، مَڙِهيُون پُوري وِئا مائِي،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءَ واتِ ويچارَنِ وائِي.
[ سُر پورب، وايون، 7 ]

مَنُ مَڻِڪو تَنُ تَسبِيحَ، دِلِ دَنبُورو جَنِ،
تَندُون جٖي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ ساڻُ وَڄَنِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِھو راڳُ رڳُنِ،
سي سُتا ئِي سُونھَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 18 ]
تَندُون جٖي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ ساڻُ وَڄَنِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِھو راڳُ رڳُنِ،
سي سُتا ئِي سُونھَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 18 ]
English Meaning
This is part of Kalma’e Shahadat in Islam which means: “He is the One alone, without partner.”
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ٻول جا زمرا