جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي،
مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ تَنھِن تُلُ تُنبَڙِي،
تارِئو جَنھِن توڏِيءَ کي، نَہ سو گَهنڊُ نَہ گَهنڊِڙِي،
ڏارِئو جَنھِن ڏِياچَ کي، تَندُئان تَنھِن تِکَڙِي،
نَہ سَري نَہ سِنڌُ ڪا، نَہ ڪا ھِندُ ھِھَڙِي،
ڪوڙيِين واڄَٽَ ڪيتِرا، لَکين لاءِ ھَڻَندَڙِي،
ساراھِيَلَ جَا سُبحانَ جِي، تَنھِن واکاڻَ ڪِھَڙِي،
سَھِسين سُرودَنِ کي، پاڻان پوءِ وِجَهندَڙِي،
وَنءُ اونائي اُنَ کي، ويھُ مَ، کَڻُ وِکَڙِي،
بيخُودِ بابُو سي ٿِئا، ٻُرَندِي جَنِ ٻُڌَڙِي،
ڪَڙِي ڪُلاٽَنِ کي، مَحَبتَ وارَنِ مِٺَڙِي،
مِٺايان مِٺِي گهَڻو، چُوندا جَنِ چَکَڙِي،
گهانڊارِ مِرُون موھِئا، ھِيءَ ماڻُهو موھِيندَڙِي،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُئا جِيارَڻَ جِھَڙِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 1 ]
آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو،
مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، نَہ مُون اُٺُ نَہ ناقو،
ھُوءَ جا پِڪَ پُنهونءَ جِي، چَٽِيان تَنھِن چُئاڪو،
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِيرِ پوءِ مَ فاقو،
چَڙھِي نَہ سَگهان چوٽيين، ڏُونگَرَ ڪونِهي ڏاڪو،
پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻِ وَڻِ وجِهندِيَسِ واڪو،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ ۾، لَکَ مَ پوءِ لِياڪو،
آرِيءَ جو آتَڻَ ۾، پُڇَندِيَسِ پاڻَ پَھاڪو.
[ سُر آبڙي، وايون، 17 ]
نَہ سُرمو نَہ سُونھَن ڪا، نَہ سِينگارُ ڪِئومِ،
تَڏِھِين پِرِين سَندومِ، رُکو ئِي رَءِ کَڻي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 11 ]
توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾،
پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ،
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي، تُنھِنجَڙِي وارَ،
سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، کِيو مَنجِهہ خُمارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڪَپَرَ جِي ڪُوڪارَ،
سائِينءَ مُڪين سَچَ کي، تُون ڪُوڙو مَنجِهہ قَطارَ،
ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ھَلَڻَ جِي ھاڪارَ،
تائِبَ ٿِي تَڪِڙا، پَڙهو، اِيءَ پَچارَ،
نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سُڻِجِ اَدا يارَ،
گِهڙان ٿِي ريءَ گهَڙِي، اللهَ توھارَ ،
ھِيءُ جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِھان رَکُ سَتارَ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ سَنڀارَ،
شِڪارُ تُون شَھبازَ جو، تُون تان مَنجِهہ شِڪارَ،
يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ ، جِتِ ڀَڄندا ڀارَ،
تُرَھو ڇِنَم تارِ ۾، اَچِجِ جِيئَن اوسارَ،
لَکَ مِڙيئِي لُٽِئا، ھُونھِين وِئَڙا ھَزارَ،
ڏِنَئِي جَي اللهَ کي، تَہ ھُوندَ ٿِيين پَريين پارَ،
جُوٺَنِ مَٿان جُٽِڪي، دُڻِي تُنھِنجي دارَ،
جيفو آھِ حَدِيثَ ۾، اَنڌِيءَ اِي آچارَ،
وَٽِيُئِي ڪِينَ وِلَھَنِ سين، ڪَنبِي ڀَرِ قَھارَ،
سا ڪِيئَن ھَلي تو سين، جا ڀَڳي کان ڀَتارَ،
جِيئَڻُ جالَ نَہ نِبَھي، سُڻِجِ اِيءَ سَنڀارَ،
جِمَ وِسارِيين ويسَرا، ڀِتِيُنِ جِي ڀُلِڪارَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 5 ]
ڏَمُ ڏِھاڙِي ڪيتِرو، پَرِ ۾ ٿو پَليس،
تانۡ تانۡ جِيءُ جَليسِ، مِلي جانۡ نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 17 ]
ڪو ڏَسُ مُون ڏي،
نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون جَتِ نَہ اوٺِي،
اُنِهين مَنجهان آھِيان، جٖي ٻانڀَڻَ پَڙَهنِ پوٿِي،
سَنجهي وِئَڙو سُپِرِين، ساجَنُ پُڇان سو ٿِي،
رويو چُئان رُڃنِ ۾، ھئَي ھئَي ھَٺَ ڪوھُ ٿِي،
ھَلِجِ ھوتَ پُنهونءَ ڏي، مَنجهان نِينھَن نِڪُو ٿِي،
آتَڻُ وِجِهي آڳِ ۾، مَنجهان جوئِنِ جوءِ ٿِي،
پَريٽِ ٿيِندِيَس پُنهون پُڇندِيَس، پَڇاڙيندِيَسِ پوتِي،
ھِتان ٿِي ھوتُ وِئو، جَتُ پُڇين جو ٿِي،
سَنجهي ساٿَ پَلاڻِئو، تو پَلاڻِئو پوءِ ٿِي.
[ سُر آبڙي، وايون، 20 ]
اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نَہ لَھان،
فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، واعِدي نَہ وَھان،
صَباحَ سِينءَ نَہ سَھان، خَواھِ مارِيين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 1 ]
ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ،
اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ نَہ اَچي تَنِ،
سَڄَڻَ سوني ھارَ جِيئَن، وَرھين نَہ وِلٽَنِ،
پَڪا پِرِين ڪِجَنِ، ڪَچَنِ مان ڪِينَ ٿِيي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 8 ]
نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ،
چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ ڪونَہ ٻَڌَن،
تَرَڪ الْدُنِیاْ وَاْجِب ، اِيءَ عادَتَ عارِفَنِ،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 2 ]
نَہ مُون ڪانڌُ نَہ قُوتِ، ھِي، جوڀَنُ وَھِي وِئو،
تَنِي حالُ ڪِھو، جَنِي نِڌَرَ نِجُهرا.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 7 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
*ne-
Proto-Indo-European root meaning "not."
It forms all or part of: a- (3) "not, without;" abnegate; ahimsa; an- (1) privative prefix; annihilate; annul; aught (n.2) "zero, nothing;" deny; hobnob; in- (1) "not, opposite of, without;" ixnay; naught; naughty; nay; nefarious; negate; neglect; negligee; negotiate; neither; nepenthe; nescience; nescient; neuter; never; nice; nihilism; nihility; nil; nill; nimiety; nix; no; non-; none; nonplus; nor; not; nothing; null; nullify; nulliparous; renegade; renege; un- (1) prefix of negation; willy-nilly.
It is the hypothetical source of/evidence for its existence is provided by: Sanskrit a-, an- "not;" Avestan na "not;" Greek a-, an-, ne- "not;" Latin in- "not," ne "that not;" Old Church Slavonic and Lithuanian ne "not;" Old Irish an-, ni, Cornish ny "not;" Gothic and Old English un- "not."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)