مِيرَ جي سنڌي معنيٰ
امير، سردار. والي. سالار. وڏا ماڻهو. هادي. رهبر، پيشوا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Chief, leader, a title give to grandees. A nobleman.
مِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، آيا نَہ موٽِي،
ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي،
آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 8 ]
ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي،
آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 8 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
جي سَرَڻِ تُنھِنجي سِيرَ، سي پارِ لَنگهائِين پِھِيڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 18 ]
جي سَرَڻِ تُنھِنجي سِيرَ، سي پارِ لَنگهائِين پِھِيڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 18 ]
سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا،
بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو،
سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو،
ماڻُهو ڏِينِ مُبارَڪُون، اِھو پُڻ ڏِينھُن ٿِئو،
اُنِ جو عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَفَرُ سابِ پِئو.
[ سُر سامونڊي، وايون، 4 ]

مُحَرَمُ موٽِي آيو، موٽِيا تان نَہ اَمِيرَ،
مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 5 ]
مَدِيني جا مِيرَ، ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 5 ]
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، ديرا ڏِنائُون،
ڪاٺِيءَ پاڻِيءَ، گاھَ کي، ماڻُهو مُڪائُون،
چَڙَھَندي چَيائُون، ٿِيندِي ويڙِه وَڏاندَرِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 6 ]
ڪاٺِيءَ پاڻِيءَ، گاھَ کي، ماڻُهو مُڪائُون،
چَڙَھَندي چَيائُون، ٿِيندِي ويڙِه وَڏاندَرِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 6 ]
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، رِڙِھِئا مَٿي رَندَ،
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
گهوڙا تَنِ گهوٽَنِ جا، پُرِئا مَٿي پَنڌَ،
جِتِ رَھَندا راتِڙِي، سي سُونھارا ھَنڌَ،
ڪُلَها ڪَرنگَهرَ ڪَنڌَ، جُهرَنِ جُهونجارَنِ جا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 7 ]
جهيڙو لاھِ يَزِيدَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 1 ]
پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ،
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جِي، سُئِي جَنگِ جھانَ،
اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ،
پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 10 ]
اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ،
پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 10 ]
English Meaning
Chief, leader, a title give to grandees. A nobleman.